روسي صدر سان ايراني پرڏيهي وزير جي ملاقات، ” اسان کي موقعو مليو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍون“ پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ملاقات ماسڪو ۾ جاري آهي.
روسي سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ بيان موجب، صدر پيوٽن ملاقات دوران چيو آهي ته ايران مٿان اسرائيل جي چڙ ڏياريندڙ حملن جو ڪو جواز ناهي.
روسي صدر، ايراني پرڏيهي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ” مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته توهان اڄ ماسڪو ۾ آهيو ۽ اسان کي اِهو موقعي مليو آهي ته اسان مشڪل موضوعن تي ڳالهايون ۽ حالتن جو ڪو حل ڪڍي سگهون.“
ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران جا روس سان تمام ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جيڪي هاڻ ”اسٽرٽيجڪ ساٿ“ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملا عالمي قانونن ۽ انساني قدرن جي ڀڃڪڙي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.