تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته جڏهن اسان جا مقصد پورا ٿي ويندا ته ايران ۾ جاري مهم ختم ڪئي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته حملي دوران ايران جي فردو واري جوهري پلانٽ کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسرائيل ايران جي جوهري پروگرام ۽ بيلسٽڪ ميزائلن کي ختم ڪرڻ جي مقصد جي تمام ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ جڏهن اهي مقصد پورا ٿيندا ايران ۾ جاري ڪارروائي ختم ڪئي ويندي.
ياد رهي ته گذريل آچر ڏينهن صبح سوير آمريڪا ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ موجود جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻايو، جنهن بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽفارم ” ٽُرٿ سوشل“تي بيان پڻ جاري ڪيو هو.
ٻئي پاسي، ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن کان اڳ ئي اهي جوهري ٿاڪ خالي ڪيا ويا هئا.
You might also like