سعد رفيق نوبل انعام لاءِ نامزد ٽرمپ کي گڏهه سان ڀيٽ ڏئي ڇڏي

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق پاڪستان حڪومت پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن انعام 2026 لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارش تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي لکيو ته جنهن کي چارو وڌو پيو وڃي، اهو نه صرف کائيندو، پر لت به هڻندو. هن اسرائيل جي ايران ۽ غزه خلاف جارحيت کي صهيوني ظلم قرار ڏيندي چيو ته صهيونيت هڪ شيطاني لشڪر آهي ۽ ان جا سڀ سهولتڪار انسانيت، امن ۽ انصاف جا دشمن آهن. سعد رفيق چيو ته اسرائيل امت مسلمه جي دل ۾  هنيل خنجر آهي، جيڪو آمريڪا جي سرپرستي هيٺ بار بار هنيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.