فيسبڪ، گوگل سميت مختلف پليٽ فارمز جا 16 ارب پاسورڊ ليڪ!

سائبر سيڪيورٽي محققن انڪشاف ڪيو آهي ته ايپل، فيسبڪ، گوگل ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽفارمن جا 16 ارب پاسورڊز ليڪ ٿي ويا آهن، جيڪو تاريخ جي وڏي ڊيٽا وائليشن قرار ڏنو پيو وڃي.
فوربز جي رپورٽ موجب، سائبر نيوز جي محققن جو چوڻ آهي سامهون آيل 30 ڊيٽا سيٽن مان هر هڪ ۾ لکن کان وٺي 3.5 ارب تائين لاگ اِن تفصيل ۽ پاسورڊ شامل آهن، جن مان گهڻا اڳ ڪڏهن سامهون ناهن آيا.
گوگل پنهنجي اربين استعمال ڪندڙن کي صلاح ڏني آهي ته ترت پنهنجا پاسورڊ مٽائين، جڏهن ته ايف بي آءِ آمريڪي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو شڪي ايس ايم ايس لنڪس تي ڪلڪ نه ڪن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي رڳو هڪ ليڪ نه، پر وڏي پيماني تي ٿيندڙ استحصال جو نقشو آهيم هيءَ ڊيٽا فِشنگ حملن ۽ اڪائونٽ هيڪنگ لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
محققن جو چوڻ آهي ته هي ڊيٽا ڪا پراڻي ليڪ نه پر جديد ۽ تازي آهي، جنهن سان عالمي سطح تي سائبر سيڪيورٽي جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.