لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ايران ۾ موجود پنهنجي سفارتخاني مان عملي کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برطانوي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران مان برطانوي عملي کي عارضي طور واپس گهرايو پيو وڃي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سفارتخانو في الحال پري کان پنهنجو ڪم جاري رکندو.
ان کان اڳ، هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ برطانيا اسرائيل ۾ به پنهنجي سفارتخاني ۽ قونصل خاني جي عملي جي گهرڀاتين کي به سيڪيورٽي خدشن سبب عارضي طور واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.