ايران-اسرائيل جنگ، گوتريس خبردار ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دنيا کي بحران ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران خطاب ڪندي گوتريس چيو ته هن تڪرار جي وڌڻ سان اهڙي باهه ڀڙڪي سگھي ٿي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته موجوده ڇڪتاڻ جو مُک نقطو ”جوهري مسئلو“ آهي.
گوتريس وڌيڪ چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ته هو جوهري هٿيار نٿو ٺاهڻ چاهي، پر اچو ته اهو به مڃيون ته ان معاملي ۾ اعتماد جي کوٽ آهي.
سيڪريٽري جنرل ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو ويڙهه بند ڪن ۽ سنجيده سفارتي ڳالهين ڏانهن واپس اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.