اسرائيل جي ڏکڻ اولهه ايران ۾ موجود فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

تل ابيب/تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي تصديق ڪئي آهي ته صهيوني ايئر فورس ڏکڻ اولهه ايران ۾ فوجي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ لاءِ نئون آپريشن شروع ڪيو آهي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ فضائي سرسي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکندي.
ان کان اڳ، اسرائيل تي ايران جي تازن ميزائل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميزائل اسرائيل جي علائقن کي نشانو بڻائي چڪا آهن.
بي بي سي موجب، ايراني حملن کانپوءِ اسرائيل جي اترين حصي ۾ درجنين ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
ايمرجنسي سروسز(ايم ڊي اي ) موجب، ٽن زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جن ۾ 40 ورهين جو مرد، 16 ورهين جو نوجوان ۽ هڪ 54 ورهين جو شخص شامل آهن، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي آهن.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 51 ورهين جي عورت دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.
ٻئي پاسي، گڏيل ۾ ايران جي مشن اسرائيل جي ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ايران هڪ اسپتال کي نشانو بڻايو، ايران ان الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي وضاحت ڪئي ته سندس سمورا دفاعي قدم عالمي قانون موجب آهن.
ايراني مشن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران جا حملا رڳو انهن هدفن تي ٿين ٿا، جيڪي اسرائيلي جارحيت ۾ سڌو سنئون ملوث يا مددگار آهن، ۽ عام شهري علائقن کي نشانو نه بڻايوويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.