اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) طرفان گهرو وزير جي هدايت تي قومي سڃاڻپ ڪارڊ قاعدن 2002ع ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون ويون.
نادرا جي ترجمان موجب، شناختي نظام کي جعلسازي کان پاڪ ۽ وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن.
نادرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل سڌارن واري مسودي جي منظوري وفاقي ڪابينا اڳ ئي ڏئي چڪي آهي.
نادرا موجب، ب فارم لاءِ هاڻي يونين ڪائونسل ۾ پيدائش جي تاريخ لکرائڻ ضروري هوندو، 3 سالن تائين جي ٻارن لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ تصوير نه ورتي ويندي، جڏهن ته 3 کان 10 سالن جي ٻارن لاءِ تصوير لازمي هوندي ۽ آئرِس اسڪين به ورتو ويندو.
نادرا طرفان 10 کان 18 سالن جي ٻارن لاءِ تصوير، بايو ميٽرڪ ۽ آئرِس اسڪين سڀ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
نادرا موجب، هر ٻار کي الڳ ب فارم جاري ڪيو ويندو جنهن تي مدو به لکيل هوندو، اڳ ۾ جاري ڪيل ب فارمز رد نه ڪيا ويندا، پر پاسپورٽ ٺاهڻ لاءِ نئون ب فارم ضروري هوندو.
نادرا جو چوڻ آهي ته انهن قدمن سان جعلسازي روڪڻ ۽ ٻارن جي سمگلنگ جي خاتمي ۾ مدد ملندي.
نادرا موجب، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي ) کي هاڻ قانوني دستاويز جو درجو ڏنو ويو آهي، درخواست ڏيندڙ کي ان ۾ موجود ڄاڻ جي درستگي بابت اقرارنامو به ڏيڻ لازمي هوندو، شهرين کي هاڻي رڳو نادرا جي رڪارڊ جي بنياد تي ايف آر سي جاري ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ خاندان جي اهڙن ماڻهن فردن نالا لکرائڻ به لازمي هوندو جن جا تفصيل اڃا تائين نادرا کي مهيا نه ڪيون ويون آهن.
شهري پنهنجا خانداني تفصيل نادرا جي موبائيل ايپ يا آفيس ذريعي درست ڪرائي سگهندا، جيڪي مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن، انهن جي سڀني گهرواريم جا تفصيل ايف آر سي ۾ شامل ڪيا ويندا.
نادرا واضح ڪيو آهي ته عورتون پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ پيءُ يا مڙس جي نالي سان پنهنجيءَ مرضي سان ٺهرائي سگهن ٿيون، سڃاڻپ ڪارڊ جي ضبط، تنسيخ ۽ بحالي بابت ڪيسن جو فيصلو 30 ڏينهن اندر ڪيو ويندو.
نادرا بنا چپ وارن ڪارڊن ۾ هاڻ اسمارٽ ڪارڊ جون اڪثر خاصيتون شامل ڪري ڇڏيون آهن، اهڙي ڪارڊ تي اردو سان گڏ انگريزي ڄاڻ به هوندي، ان تي ڪيو آر ڪوڊ پڻ هوندو، واڌو فيس نه ورتي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن شهري طرفان ڄاڻايل معلومات غلط آهي ۽ هو رضاڪاراڻي طور تي اطلاع ڏئي ٿو ته ان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
ب فارم ۾ ٽن کان ڏهن سالن جي عمر وارن ٻارن جون تصويرون لازمي قرار، آئرِس اسڪين به ورتو ويندو: نادرا
You might also like