فيسبڪ تي هاڻي ڊگهيون وڊيوز پوسٽ نه ٿينديون

ميٽا طرفان فيسبڪ تي وڊيو شيئر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ وڏي تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت جلد ئي هڙئي وڊيوز ريلز جي صورت ۾ شيئر ٿينديون.
هينئر تائين جڏهن واهپيدار ڪا وڊيو شيئر ڪندو آهي ته اها يا ته ”ريل“ يعني مختصر وڊيو يا وري روايتي ڊگهي وڊيو جي صورت ۾ پوسٽ ٿيندي آهي ۽ انهن ٻنهي جو شيئرنگ ورڪ فلو مختلف هوندو آهي.
ميٽا پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ايندڙ مهينن دوران فيسبڪ تي شيئر ٿيندڙ سڀئي وڊيوز پاڻمرادو ”ريلز“ جي صورت اختيار ڪري وينديون.
ڪمپني موجب، فيسبڪ بدستور هر قسم جي وڊيوز جهڙوڪ مختصر، ڊگهي ۽ لائيو وڊيوز جو مرڪز هوندو.
ان کانسواءِ فيسبڪ تي ريلز جي دورنيي جي حد جيڪا هن وقت 90 سيڪنڊ آهي، ان جي خاتمي جو تيارون پڻ هلي رهيون آهن، جنهن ذريعي ڊگهيون وڊيوز به ريلز جي فارميٽ ۾ شامل ڪرڻ ممڪن هوندو.
ميٽا ٻڌايو آهي ته وڊيو ٽيب جو نالو به تبديل ڪري ”ريلز ٽيب“ رکيو ويندو، جڏهن ته واهپيدارن کي تجويز ڪيل وڊيوز (suggested videos) سندن دلچسپين جي بنياد تي اڳ وانگر ئي نظر اينديون.
ياد رهي ته مارڪ زڪربرگ ڪجهه عرصو اڳ چيو هو ته هو فيسبڪ کي ثقافتي طور تي وڌيڪ بااثر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ اها اپڊيٽ ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.