ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ عسڪري تڪرار ناهي، پر هيءَ هڪ وسيع تر جاگرافيائي، سياسي ۽ نظرياتي محاذ آرائي جي نمائندگي ڪري ٿي. هي تڪرار هاڻ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي نه رڳو فضائي حملا ٿي رهيا آهن، پر هڪ ٻئي جي شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ جو رجحان به شدت اختيار ڪري چڪو آهي. هي صورتحال خطي ۾ هڪ وڏي تباهيءَ واري ٽڪراءُ جو اشاري ڏئي رهي آهي.
ايران جي جوهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي اسرائيلي ڪوششن هاڻ هڪ نئون ۽ خطري سان ڀريل رخ اختيار ڪري ورتو آهي. ايران جي سڀ کان وڌيڪ محفوظ ۽ ڳجهِي جوهري تنصيب، جيڪا جبلن جي هيٺ زمين اندر ٺهيل آهي، هاڻ اسرائيلي نشاني تي آهي. اسرائيل سمجهي ٿو ته ايران جي جوهري صلاحيت ان جي وجود لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي، تنهنڪري اسرائيل طرفان اهڙا حملا جاري آهن، جن جو مقصد ايران جي ايٽمي پروگرام کي سست ڪرڻ يا مڪمل طور تي ختم ڪرڻ آهي. پر تاريخ شاهد آهي ته فضائي حملا، ڀلي ڪيترا به تباهه ڪن ڇو نه هجن، حڪومتون ڪيرائڻ يا ڊگهي مدي واري حڪمت عمليءَ واري ڪاميابي لاءِ ڪافي ناهن. ان جي هڪ وڏي مثال 1996ع ۾ چيچن اڳواڻ دزوڪر دودايف جو قتل آهي، جنهن کي روس هڪ موبائل فون ڪال جي ذريعي پِن پوائنٽ ڪري، اينٽي ريڊيئيشن ميزائل سان قتل ڪيو. پر ان کانپوءِ هڪ وڌيڪ بنياد پرست اڳواڻ اقتدار ۾ آيو، روسي فوجن کي چيچنيا مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ آخرڪار روس کي ٻيهر وحشيانه زميني ڪارروائي ڪرڻي پئي.
تاريخ اهو به ڏيکاري ٿي ته جڏهن فضائي طاقت کي مقامي زميني فوجن جي مدد حاصل هجي، جيئن ته آمريڪا افغانستان (2001) ۽ ليبيا (2011) ۾ ڪيو، ته حڪومت جي تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي. پر اسرائيل نه ته ايران ۾ اهڙي زميني ڪارروائي ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، ۽ نه ئي سياسي طور ان جي خواهش رکي ٿو. ايران جهڙي وڏي ۽ مضبوط ملڪ ۾ ڪو مقامي اتحادي به موجود ناهي، جيڪو اسرائيل جي فضائي مهم جي زميني واڌ ڪري سگهي.
هن سموري بحث ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ "قوم پرستي” آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ پرڏيهي فوجي مداخلت يا مقامي اڳواڻ خلاف ٻاهرين حملا، عوامي جذبن کي ڀڙڪائين ٿا. ڀلي ڪنهن مقامي اڳواڻ جي مقبوليت ڪيتري به گهٽ ڇو نه هجي، جڏهن ڪو ٻاهرين طاقتون ان کي نشانو بڻائن ٿيون ته عوام جو ردعمل ان اڳواڻ خلاف نه، پر پرڏيهي دشمن خلاف هوندو آهي. ائين ئي ٿيو عراق، افغانستان ۽ هاڻ غزه ۾، جتي آمريڪا ۽ اسرائيل جون ڪوششون بار بار ناڪام رهيون. اڳواڻ کي ختم ڪرڻ کانپوءِ جيڪو خلاءُ پيدا ٿئي ٿو، اتي اڪثر وڌيڪ سخت گير ۽ دشمن عنصر سامهون اچن ٿا. اسرائيل کي پنهنجن ماضيءَ جي تجربن مان اهو سبق وٺڻ گھرجي ها: جڏهن به ان ڪنهن دهشتگرد اڳواڻ کي ماري ڇڏيو، ته ان جي جاءِ تي هڪ وڌيڪ سخت موقف رکندڙ اڳواڻ آيو.
ان تناظر ۾، اسرائيل جون ايران ۾ فضائي ڪارروائيون نه رڳو بي اثر ٿي سگهن ٿيون، پر ان جي ردعمل ۾ ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام وڌيڪ ڳجهي ۽ پيچيده انداز ۾ اڳتي وڌائي سگھي ٿو. انٽيليجنس جي غيرموجودگي ۽ مغربي نگرانيءَ کان بچڻ لاءِ ايران وٽ ڪيترائي رستا موجود آهن. ۽ جيڪڏهن اسرائيل وٽ ايران ۾ حڪومت ڪيرائڻ يا بغاوت ڪرائڻ جو ڪو منصوبو هجي ها، ته هو شايد اڳ ۾ ئي ان تي عمل ڪري چڪو هجي ها. پر حقيقت اها آهي ته اسرائيل هاڻ اڪيلو بيٺو آهي. آمريڪا جي مدد کان سواءِ — اهڙي ايران جي سامهون، جيڪو رڳو فوجي طور مضبوط ناهي، پر عوامي سطح تي به ڪنهن به پرڏيهي دشمن خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪري سگھي ٿو.
صورتحال بد کان بدتر طرف وڃي رهي آهي. اسرائيل ۽ ايران هاڻ شهري علائقن کي نشانو بڻائي رهيا آهن . يعني تڪرار مڪمل طور تي هڪ "شهري جنگ” جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. جيئن جيئن شهري هلاڪتون وڌنديون، ٻنهي ملڪن جي قيادت سياسي ۽ اخلاقي طور تي پنهنجن پنهنجن موقفن ۾ وڌيڪ ضد ڀري ٿيندي. ان جي نتيجي ۾ نه رڳو جنگ ڊگهي ٿيندي، پر علائقائي استحڪام به شديد خطري ۾ پئجي ويندو.
ٻئي پاسي، آمريڪا جي موجوده پاليسي به غيريقيني جو شڪار آهي. اڳوڻي صدر ٽرمپ هڪ طرف ته ايران سان جوهري ڳالهين کي مڪمل طور تي سبوتاژ ڪيو، ۽ ٻي طرف غزه ۾ اسرائيل جي جنگ جي حوصلا افزائي ڪئي. جيڪڏهن ايران اشتعال انگيزيءَ کان پاسو ڪري، ته امڪان آهي ته آمريڪا سڌي ريت ڪنهن وڏي جنگ ۾ شامل نه ٿئي. ٽرمپ جهڙا سياستدان، جيڪي پنهنجي تصوير جي باري ۾ حساس هوندا آهن، شايد عراق جهڙي ٻي جنگ کي قبول نه ڪن. پر جيڪڏهن ايران ڪا وڏي فوجي يا دهشتگرد ڪارروائي ڪئي، ته آمريڪا تي دٻاءُ وڌي سگھي ٿو.
آخرڪار، اسرائيل لاءِ هيءَ صورتحال هڪ پيچيده، ڌٻڻ جهڙي صورت اختيار ڪري وئي آهي. فضائي حملا ۽ سمارٽ بم صرف عارضي ڪاميابي ڏئي سگھن ٿا، پر ڪا به پائيدار حل نه آهن. ايٽمي ايران جي ممڪن موجودگي هڪ مستقل سيڪيورٽي چئلينج بڻيل رهندي. ۽ جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن وڏي فوجي مداخلت يا انقلابي تبديلي کان سواءِ هن مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿو، ته پوءِ يا ته ايران کي سفارتي رستن سان روڪڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري، يا وري وچ اوڀر ۾ هڪ نئين جنگ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري . اهڙي جنگ، جيڪا هن ڀيري شايد ان جي ڪنٽرول کان ٻاهر هجي.