خوشخبري، پي ٽي اي جو موبائل فون واهپيدارن کي 2 جي بي ڊيٽا ۽ 200 منٽ مفت ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موبائل فون واهپيدارن جو انگ 20 ڪروڙن تي پهچي ويو، جنهن جي خوشي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڀني واهپيدارن لاءِ هڪ ڏينهن جي خاص پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
20 جون 2025 تي ملڪ جي سڀني ٽيلي ڪام واهپيدارن کي ٻه جي بي مفت انٽرنيٽ ڊيٽا ۽ 200 آن نيٽ مفت منٽس ڏنا ويندا، جن جو مدو 24 ڪلاڪ هوندو.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب واهپيدارن کي اها آفر حاصل ڪرڻ لاءِ *2200# ڊائل ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.