ٽرمپ ايران تي حملي جي منظوري جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر وال اسٽريٽ جرنل جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هن ايران تي حملي جي منصوبابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر حتمي اجازت ان اميد تي ناهي ڏني ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام تان هٿ کڻي ڇڏيندو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي پيغام ۾ ٽرمپ لکيو ته وال اسٽريٽ جرنل کي منهنجي ايران بابت خيالن جو ڪو اندازو ناهي.
ياد رهي ته اربع جي رات آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي هئي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر حتمي حڪم روڪيو آهي، هو فيصلي کان اڳ ايران جواب جو منتظر آهي ته اهو پنهنجي جوهري پروگرام تان هٿ کڻندو يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.