شل آمريڪا کي چين جي هيءَ نصيحت نما ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي

چين جي صدر شي جن پنگ  هڪ غير معمولي پيغام ۾ آمريڪا کي تاريخي طور سمجهائڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي ته طاقت جو هڪ مخصوص دور ٿيندو آهي. هر طاقتور سلطنت کي زوال آهي سو آمريڪا ان خوش فهمي ۾ نه رهي ته سندس طاقت ۽ بالادستي ڪا هميشه قائم رهندي. سرڪاري ڪمنٽري اڪائونٽ تان جاري هڪ پيغام ۾ چين جي صدر آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا دنيا جي عزت نه ڪندو ته پوءِ ان جو حشر به اهو ئي ٿيندو جيڪو ماضيءَ جي طاقتور سلطنتن جو ٿيو آهي. هن چيو ته آمريڪا کي تاريخ مان سبق سکڻو پوندو. ماضيءَ ۾ برطانيا جو راڄ هو ۽ سمجهيو ويندو هو ته سندس راڄ جو اهو سج شايد لهندو ئي نه پر وقت سندن راڄ ختم ڪري ڇڏيو. ايئن دنيا جون ڪيتريون ئي سلطنتون هيون جن عروج به ماڻيو ته زوال به ڏٺو. چين جي صدر چيو ته ٽرمپ ڪير ٿيندو اهي تهران کي خالي ڪرائڻ وارو. چين  ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي جي حمايت ڪري ٿو.  دنيا ، آمريڪا کانسواءِ  به اڳتي وڌي سگهي ٿي. آمريڪي صدر ٽرمپ جون ڌمڪيون ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جي برابر آهن. اهڙو اظهار هن آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌمڪين واري بيان تي ردعمل طور ڪيو آهي جنهن ۾ آمريڪا تهران کي خالي ڪرڻ ۽ ايران کي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سيون واري اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ ڪئنيڊا مان واشنگٽن واپسي دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مان ايران سان ڳالهيون ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهيان. ايران کي معاهدو قبول ڪرڻ گهرجي ها جيڪو ميز تي موجود هو. هن وڌيڪ چيو ته  روس ۽ اتر ڪوريا ايران جي مدد ڪري رهيا آهن. هن اهو به چيو ته آيت الله خامنه اي ڪٿي لڪل آهي سان پاڻ کي خبر  آهي. هو اسان جو آسان هدف آهي پر کيس تڪڙ ۾ مارڻ نٿا چاهيون. بهرحال اسان جو صبر ختم ٿيندو ٿو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته ايران جي فضائن تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي.

آمريڪا جي صدر جي ان ڌمڪي واري رويي ۽ اسرائيل جي ڌر ٿي بيهڻ واري جانبداري نه رڳو حيرت جوڳي پر افسوس جوڳي به آهي جيڪا دنيا جي سپر پاور ملڪ کي بلڪل به زيب نه ٿي  ڏئي. سپر پاور هئڻ ناتي آمريڪا کي اصولي طور تي سڄي دنيا جي ملڪن لاءِ ڇپر ڇانو وارو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو هو ادا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي جيڪو عمل اڄ جي دنيا جي هن وڏي سلطنت جي زوال جي شروعات آهي جنهن جو اشارو چين جي صدر به کيس ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته طاقت جو غلط استعمال وڏين وڏين سلطنتن ۽ ملڪن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي پر افسوس ته پوءِ به حڪمران طاقت جي نشي ۽ ان جي سحر ۾ تاريخ کان ڪجهه سکڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، آمريڪا به اڄ ان هوڏ تي بيٺل آهي.

آمريڪا جي صدر هڪ پاسي دنيا کي جنگين ۽ ايٽمي خطري کان بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري پنهنجن آمريتي، سامراجي عملن ۽ پالسين سان دنيا کي ايٽمي جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي خطرناڪ راهه تي نڪري پيو آهي ۽ هاڻي ته واضح ٿي ويو آهي ته هو پنهنجا جنگي هٿيار ۽ جنگي ٽيڪنالاجي وڪرو ڪرڻ لاءِ ملڪن کي ويڙهائي رهيو آهي. جيڪڏهن آمريڪا واقعي به دنيا کي جنگين ۽ ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ اهو اها پاليسي اسرائيل تي ڇو نٿو لاڳو ڪري، ان جو پاسو ڇو کنيو بيٺو آهي ۽ ان جي ناجائز مفادن جو ڇو غير ضروري طور تي دفاع ڪري رهيو آهي ڇو ڌر بڻجي رهيو آهي. سندس ڌر بڻجڻ واري ان ڪردار ئي ان کي ايران اسرائيل جنگ ۾ خاص ڪري دنيا جي آڏو وائکو ڪيو آهي ۽  اهو ئي ڪارڻ آهي جو اها حمايت آمريڪا کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري رهي آهي.

چين ان لحاظ کان آمريڪا کي سٺو نصيحت نما سبق ڏنو آهي ۽ ان کي درست نموني ۽ وقتائتي طور تي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جنهن رستي تي هلي رهيو آهي سو سندس زوال جو رستو آهي. اسان جو به اهو ئي خيال آهي ۽ ان حوالي سان پاڻ به چين جي موقف سان متفق آهيون ته آمريڪا کي جيڪڏهن تاريخ ۾ سرخرو رهڻو آهي ته ان کي دنيا جي ملڪن جو خير خواهه ۽ گهر جي وڏي وارو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان ته ان حقيقت جا به قائل آهيون ته تاريخ هر حڪمران کي پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏيندي آهي. آمريڪا جو صدر اڄ جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ آهي ته ان کي تاريخ پنهنجي انفرادي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي ته اهو پاڻ کي آمريڪا ۽ سڄي دنيا جو انسان دوست ۽ هر دلعزيز حڪمران بڻجي ڏيکاري ۽ آمريڪا کي هر دلعزيز ملڪ بڻائي ڏيکاري پر ڊونلڊ ٽرمپ کي لڳي ٿو ته ان شئي جو ادراڪ ناهي ان ڪري اهو پاڻ کي آمريڪا جي روايتي سامراجي ۽ آمريتي حڪمران واري حيثيت ۾ اڳتي وڌائي رهيو آهي يعني پنهنجي ۽ ملڪ جي خراب تاريخ ٺاهڻ واري ورثي تي عمل پيرا آهي.

جڏهن ته دنيا ۽ دنيا ۾ رهندڙ عوام  جي هر دور ۾ اها حسرت رهي آهي ته دنيا اندر امن هجي، خوشحالي هجي، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو وارو فلسفو رائج هجي. ڪير ڪنهن کي نه ماري، ڪا جنگ نه ٿئي. ان ۾ ئي دنيا جي ملڪن ۽ انهن ملڪن ۾ رهندڙ عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ سڪون سمايل آهي پر ان المئي کي ڇا چئجي ته هن دنيا کي بي سڪوني، خوف، جنگين، ڏهڪاءُ  ۽ نفرتن جي آڙاهه ۾ حڪمرانن، حڪومتن ۽ بادشاهن ئي پئي وڌو آهي. هن دنيا کي ماڻهن لاءِ جيڪڏهن ڪنهن دوزخ بڻايو آهي ته اهي حڪمران ئي آهن، آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جهڙا غير جمهوري، آمريتي، رهزن، جنگجو ۽ قاتل حڪمران. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته دنيا اندر هر شئي ۾ تبديلي آئي آهي، ترقي  ٿي آهي، جدت آئي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن شئي ۾تبديلي ناهي آئي ته اها طرز حڪمراني آهي جنهن سڄي دنيا جي عوام لاءِ عذاب برپا ڪري ڏنو آهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آمريڪا جي ڏاڍاين کي روڪڻ لاءِ مخالف اتحاد يا بلاڪ قائم  ڪجي. تنهن ڪري اسان وري چين، روس ۽ ملڪن کي صلاح ڏينداسين ته اتحاد ڪن ۽ دنيا کي خراب حڪمرانن ۽ ملڪن کان مظلوم معصوم ۽ بي گناهه عوا م کي بچائين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.