ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جي ڪري هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. اهو سنڌ ۾ هلندڙ سال جو ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس هو.
صحت کاتي موجب ڪريمن ڪانگو هيمرجڪ فيور جي ڪري ملير جو رهواسي ٻائيتاليهه سالن جو شهري فوت ٿي ويو آهي. مريض ۾ سورهن جون تي مرض جي سڃاڻپ ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي ئي هو فوت ٿي ويو.
صحت کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪانگو وائرس جانورن ۾ موجود چچڙ جي ذريعي ڦهلبو آهي، چچڙ انساني جسم ۾ چمبڙي انسان جي جسم ۾ وائرس منتقل ڪندو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ڪانگو وائرس جي وقت سر سڃاڻپ ڪري ڪنهن به انسان جي جان بچائي سگهجي ٿي، ڪانگو وائرس جي علامتن ۾ تيز بخار، نَڪ ۽ وات مان رت اچڻ شامل آهن.