ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب برطانوي اخبار دي اڪنامسٽ جي گلوبل سروي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جيڪڏهن ايترو برو هجي ها ته هتي 3 ڪروڙ ماڻهو نه رهن ها.
گلوبل سروي ۾ ڪراچي کي رهائش جي اعتبار سان دنيا جو چوٿون بدترين شهر قرار ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان مرتضيٰ وهاب چيو ته 3 ڪروڙ آبادي واري شهر جي ڀيٽ 100 ماڻهن جي سروي سان نٿي ڪري سگهجي.
هن چيو ته بهتر زندگي لاءِ اڄ به ماڻهو ڪراچي جو رُخ ڪري رهيا آهن، ڪراچي دنيا جي 6 وڏن شهرن ۾ شامل آهي، منهنجو شهر شاندار هيو، آهي ۽ رهندو.
سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان جا ماڻهو ڪراچي ايندا آهن، ان ڪري ته کين روزگار ملندو آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي اميد هوندي آهي، ماڻهن تي ڪنهن بندوق ناهي رکي ته هتي رهو، هي دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي، تنهن ڪري مسئلا ضرور آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان شهرين جا مسئلا حل ڪنداسين، خبر ناهي ته انڊيڪس ۾ ڇا ڏسي ڪراچي کي گهٽ ڏيکاريو ويو، پنهنجي وسيلن سان عوام کي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
Prev Post
You might also like