گهڙيون سبزيون ۽ ميوا کائڻ سُٺي ننڊ لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
جديد سائنسي تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته خوراڪ ۽ ننڊ جي وچ ۾ گهرو لاڳاپو آهي ۽ خاص طور تي اهي کاڌا جيڪي قدرتي جز، فائبر، اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ وٽامنز سان ڀرپور هوندا آهن. جهڙوڪ سبزيون، ميوا. اهي ننڊ جي بهتري لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا.
ڪيئن؟
ميلاٽونن جو مقدار
ڪجهه ميوا جهڙوڪ چيري، ڪيلا، انگور ميلاٽونن سان ڀرپور هوندا آهن اهو هڪ قدرتي هارمون آهي جيڪو ننڊ کي ڪنٽرول ڪندو آهي.
ميگنيشيم ۽ پوٽاشيم
سائي پنن واريون سبزيون جهڙوڪ پالڪ، بروڪلي وغيره ۾ ميگنيشيم هوندو آهي جيڪو دماغ ۽ عضون کي پرسڪون ڪندو آهي ۽ ننڊ دوران جسم کي آرام ڏيندو آهي.
فائبر ۽ بلڊ شگر ڪنٽرول
گهڻي فائبر وارا کاڌا ننڊ دوران شگر ليولز کي برقرار رکندا آهن، جنهن جي ڪري رات ۾ جاڳڻ جا امڪان تمام گهٽجندا آهن.
اينٽي آڪسيڊنٽس جو ڪردار
ميون ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس جهڙوڪ وٽامن سي ۽ اِي ننڊ جي هارموني توازن ۽ دماغي سڪون ۾ مدد ڏين ٿا.