”لک رپيا ماهوار پگهار تي هڪ هزار ٽيڪس سان آسمان نه ڪِري پوندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته هڪ لک رپيا ماهوار پگهار مان هڪ هزار رپيا ٽيڪس سان آسمان نه ڪِري پوندو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين چيو ته 6 لک رپيا سالياني انڪم ٽيڪس ڇوٽ جي تجويز آهي ۽ 6 کان 12 لک رپيا سالياني آمدني تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو هوندو.
سينيٽر محسن عزيز چيو ته انڪم ٽيڪس ڇوٽ جي سالياني حد 12 لک رپيا هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.