بي بي ايل معاهدو: بابر کي آءِ پي ايل اَن ڪيپڊ پليئر کان به گهٽ معاوضو ملندو

سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ بيٽر بابر اعظم ڪجهه ڏينهن اڳ آسٽريلوي ليگ بِگ بيش ” بي بي ايل“ جي فرنچائز سڊني سڪسرز سان معاهدو ڪيو ۽ هو ميگا ايونٽ جي 15 ايڊشن ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
بابر اعظم کي سڊني سڪسرز سان چار لک ويهه هزار ڊالر(11 ڪروڙ 80 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي.
سڊني سڪسرز بابر اعظم کي بي بي ايل 2025ع جي پري ڊرافٽ ۾ سائن ڪيو آهي، بابر هلندڙ سال بِگ بيش ليگ ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪندو.
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان جو ڳاڻيٽو ڪرڪيٽ جي دنيا جي وڏن بيٽرن ۾ ٿئي ٿو، پر بِگ بيش ۾ سندس پگهار انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي اَن ڪيپڊ رانديگر کان به گهٽ هوندي.
بابر اعظم جو سڊني سڪسرز سان معاهدي فرنچائز جي ويليو وڌائي ڇڏي آهي ۽ بابر اعظم جو ٽيم سان جڙڻ انهن لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.