راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان عالمي حالتن کي ڏسندي احتجاجي تحريڪ ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
عظميٰ خان ۽ نورين نيازي اڊيالا جيل ۾ ڀاءُ عمران خان سان ملاقات ڪئي.
جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نورين نيازي چيو ته پي ٽي آءِ باني احتجاجي تحريڪ عالمي حالتن سبب ملتوي ڪئي آهي.
سندس موجب عمران خان کي عالمي حالتن بابت ڄاڻ آهي ۽ هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت متحد ٿيڻ گهرجي.
عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان چيو ته عمران خان جي اسرائيل بابت موقف کان سڄي دنيا واقف آهي.
You might also like