اسرائيلي فوج جي هڪ وڌيڪ ايراني سينيئر ڪمانڊر کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ايران جي ميجر جنرل علي شادماني کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جنرل علي شادماني کي رات دير سان تهران ۾ هڪ سرگرم هيڊڪوارٽر تي ٿيل فضائي حملي دوران نشانو بڻايو ويو.
ياد رهي ته جنرل علي شادماني ايران جي خاتم الانبياءَ هيڊڪوارٽرز جو ڪمانڊر هو، کيس ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ٻه ڏينهن اڳ جنرل غلام علي راشد جي شهادت کان پوءِ اِهو عهدو سونپيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.