نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگي صورتحال کانپوءِ ڀارت نئين ايڊوائزري جاري ڪندي تهران ۾ موجود پنهنجن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ترت شهر ڇڏي ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ٿي وڃن.
ياد رهي ته ان کان اڳ ڏکڻ ڪوريا به ايران جي سمورن علائقن ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي.
ان کانسواءِ اڄ ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به هڪ پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته تهران ۾ رهندڙ ماڻهو ترت شهر خالي ڪري ڇڏين.