بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ دوران ٻرنديءَ تي تيل هاري رهيو آهي ۽ موجوده تڪرار کي وڌائي رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر طرفان تهران واسين کي شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ آهي ۽ هو تڪرار کي وڌيڪ ڊيگهه ڏئي رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت موجب، ايران ۽ اسرائيل ۾ موجود چيني شهرين جي حفاظت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
پڌرائي موجب، ٻنهي ملڪن ۾ چيني سفارتي عملو لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهي، جڏهن ته ايران ۽ اسرائيل مان چيني شهرين جي نيڪالي جي عمل کي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي.