اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران ۾ مقرر سفارتڪارن جي گهر ڀاتين ۽ غير ضروري عملي کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي کاتي جي سينيئر عهديدار موجب سفارتي عملي جي خاندانن کي ايران مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ ڪجهه غير ضروري عملو به واپس گهرائي رهيا آهيون.
هن چيو ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ قونصل خانا معمول موجب ڪم ڪندا رهندا ۽ ايران ۾ موجود پاڪستاني مشن فعال رهندا.
پاڪستان جو ايران ۾ مقرر سفارتڪارن جي گهر ڀاتين ۽ غير ضروري عملي کي ڪڍڻ جو فيصلو
You might also like