ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت خلاف آپريشن ۾ پاڪستاني عوام جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ”آپريشن بنيان مرصوص“ ۾ پاڪستاني عوام خاص طور تي شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي حڪمت عملين کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جناح وومين يونيورسٽي ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي هن شاگردياڻين کي ”آپريشن بنيان مرصوص“ ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملين ۽ قربانين بابت آگاهي ڏني.
هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستاني عوام خاص طور تي شاگردن ۽ شاگردياڻين اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي حڪمت عملين کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ڪو به شڪ ناهي ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، بلوچستان جو عوام پاڪستان سان مذهبي، ثقافتي ۽ رواجي رشتن ۾ جڙيل آهي، فتنه الهندستان جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان سان رشتن کي نقصان نٿا پهچائي سگهن.
ان موقعي تي جناح وومين يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگردياڻين طرفان پاڪ فوج کي جنگ ۾ ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ شاگردياڻين چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ پاڪ فوج عوام سان آهي.
”فتنه الهندستان جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان سان رشتن کي نقصان نٿا پهچائي سگهن“
You might also like