ڪڏهن به ڳالهين جي ميز ناهي ڇڏي پر هن وقت ڌيان اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ تي کُتل آهي: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير وزير عباس عراقچي ٽن يورپي هم منصبن سان ڳالهه ٻولهه دوران واضح ڪيو آهي ته هيءَ جنگ ايران شروع نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ايران کي رتوڇاڻ جاري رکڻ ۾ ڪائي دلچسپي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران سفارتڪاري لاءِ سنجيده آهي، ۽ ڪڏهن به ڳالهين جي ميز نه ڇڏي آهي، پر هن وقت تهران جو سمورو ڌيان اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ تي کتل آهي.
بابت عباس عراقچي چيو ته اِهو اسرائيل بوکلائجي ويو آهي جنهن جو ثبوت ايراني ٽي وي چينل تي بمباري آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته تل ابيب پنهنجي جارحاڻين ڪارروائين جي نتيجن کان گهٻرايل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.