ايران تي اسرائيل جو حملو، ڇا ٽين عالمي جنگ ناهي؟

تحرير: ياسمين چانڊيو

ايران تي ٿيندڙ ھي جنگي حملو  ڪا اوچتو ٿيندڙ ڪارروائي نه آھي، پر سوچي سمجهي رٿابندي سان ٿيل جنگي يلغار آھي. 12 جون 2025 جي رات اسرائيل ايران جي راڄڌاني تهران، اسفهان، ۽ ڪيرمان سميت ڪيترن ئي اهم شهرن تي فضائي حملو ڪيو . ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي ٿيل انهن حملن جو نشانو خاص طور تي ايران جا علمي، فوجي ۽ دفاعي ادارا هئا. هي حملو رڳو هڪ رياست تي ناهي، پر ايران جي قومي غيرت، خودمختياري ۽ سائنس جي ترقيءَ تي ڪيل وار آهي.

ھي حملو ايترو ته خاص جاءِ تي ڪيو ويو، جتي ايران جا سيٽلائيٽ سسٽم، ڊرون پروگرام، ۽ ليزر گائيڊڊ ميزائل جي تياري ٿي رهي هئي. اها ڪو اتفاقي  حملو ناھي پر گھڻي وقت جي انٽيليجنسي جي نگرانيءَ جو نتيجو آھي ،  اسرائيل کي ايران جي ترقيءَ کان خطرو آهي، خاص ڪري ته ايران آمريڪي ۽ اسرائيلي سازشن خلاف قومي يڪجهتيءَ سان بيٺل آهي. ڇا سائنسدانن جي قتل عام جو مقصد ايران کي علمي طور پوئتي ڌڪڻ ناهي؟ ڇا ميزائل فيڪٽريون تباهه ڪرڻ جو مطلب ايران جي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ ناهي؟ ان مان سڌي ريت  وڏي جنگ جو کليل اظهاريل ،اعلان  آهي.

هن حملن کان اڳ آمريڪا ، ايران جي وچ  ۾ ڳالهيون ھلي رهيون هيون، ان جي باوجود، رات وچ ۾ اوچتو جيڪي ڊرون حملا ٿيا، اهي ظاهر ڪن ٿا ته آمريڪا ڳالهين جي نالي تي وقت وٺي، اسرائيل کي فوجي طاقت طور اڳتي وڌڻ جو رستو ڏئي رهيو ھيو.

ھاڻ  وقت  اچي ويو آهي ته ،جڏهن مسلمان ملڪن کي ڪھڙي به قسم جي مصلحتن کان ٻاهر نڪري، سچائيءَ سان ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.ھاڻ اھو سمجھڻو پوندو ته ھي اعلان جنگ رڳو ايران نه پر سموري انسانذات ۽ خاص اسلامي ملڪن خلاف اعلانِ جنگ آهي. ۽ جيڪڏهن هو اڄ به خاموش رهيا، ته پوءِ هو نه رڳو پنهنجي سرزمين، پر پنهنجي وجود، پنهنجي نسل، ۽ پنهنجي مستقبل جو سودو ڪندا. جيڪو مغربي ملڪن جي وڏي سازش جو حصو آهي.

پاڪستان، جيڪو پاڻ ئي اقتصادي غلاميءَ ۾ ڦاٿل آهي، اڄ به ايران سان اخلاقي يڪجهتي ايتري نٿو ڏيکاري ،جيتري ھڪ پاڙيسري ۽ مسلمان ملڪ ھوندي ، ڏيکاري،سگھي ٿو نه ،ته، اهو وقت پري نه ناھي، جڏهن ايندڙ يلغار جو مرڪز پاڪستان به ٿي سگھي ٿو. ايران، شام، افغانستان، عراق کان پوءِ ڇا  آمريڪا پاران ،پاڪستان جو نمبر نٿو اچي سگهي؟ ڇا  پنجاب يا بلوچستان ۾ جيڪو اندروني انتشار، پيدا ڪيو ويو آھي ڇا، اھو پاڪستان کي به عراق بڻائڻ جي سازش جو حصو ناھي؟ آمريڪي ڊرون جيڪي ماضيءَ ۾ وزيرستان ۾ گونجندا رهيا، سي وري نئين بهاني سان حملا آور ٿي سگھن ٿا.

هي فقط جنگ نه، پر اسلامي دنيا کي گھٽڻ واري سازش آهي جيئن، مسلمان ملڪ ،علمي، سياسي، اقتصادي، ۽ ثقافتي طور نيست نابود ڪيا وڃن. ھي  عالمي جنگ رڳو هٿيارن جي نه، پر نظرين جي به آهي. جيڪا قوم نٿي جاڳي، نٿي ڳالهائي، نٿي بيهي، ان جو مقدر ختم ٿيڻ آهي.

ھن  حملي جي پويان صرف دفاعي حڪمت عملي نه، پر واضح سياسي محرڪات به آهن. اسرائيلي صدر، جيڪو پنهنجي ڪرسي، مقبوليت، ۽ اندروني سياسي بحرانن مان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو هروڀرو هڪ دشمن تخليق ڪري، پنهنجي عوام جي ڌيان کي ڀٽڪائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آھي . جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ وري نئين سر سرخرو ٿي اچي . ۽ ان سازش ۾ آمريڪا برابر جو شريڪ آهي.ايران، جنهن آمريڪا ۽ اسرائيل جي سامراجيت کي کليل لفظن ۾ للڪاريو آهي، اهو ئي آسانيءَ سان ،هدف ،بڻجي ٿو، آمريڪا لاءِ به ايران هميشه هڪ ڪنڊو  رهيو آهي . انڪري جو ايراني رياست پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي،  ڪنھن جي محتاج ناھي ۽ مغرب جي حڪم جي پيروي نه ٿي ڪري.

آمريڪا جي نظر ۾، هر اهو ملڪ جيڪو خودمختيار آهي، جيڪو سامراج خلاف آواز بلند ڪري ٿو، ان کي سياسي، معاشي، ۽ فوجي طرح نشانو بڻائڻ ضروري آهي. عراق کي ،هٿيارن جي موجودگي، جي ڪوڙي دعويٰ تي تباهه ڪيو ويو، شام کي اندروني انتشار ذريعي ٽوڙيو ويو، ۽ افغانستان کي ،دهشتگرديءَ جي خاتمي، جي نالي تي ٻه ڏهاڪا ساڙيو ويو. ساڳيو فارمولو هاڻ ايران تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي. ان ۾ اسرائيل صفه اول تي آهي ـ جيئن ته فلسطين تي ظلم جاري رکڻ لاءِ ان کي ايران جهڙي وڏي طاقت کي ختم ڪرڻ لازمي لڳي رهيو آهي.

 سو، اهو به وسارڻ نه گهرجي ته پاڪستان جهڙا ملڪ، جيڪي مستقل قرضن ۽ وياجن جي گهاڻي ۾ ڦاٿل آهن، سي آمريڪا جي مرضيءَ مطابق هلڻ تي مجبور آهن. آمريڪا کي پاڪستان مان فوجي، سفارتي، اقتصادي ۽ انٽيليجنس فائدا حاصل آهن. افغانستان جي واپسيءَ کان پوءِ آمريڪا جي ڊرون حڪمت عملي، پاڪستان جي هوائي اڏي، ۽ لاجسٽڪ رستن تائين محدود رهي آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. پر سڀ کان ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا پاڪستان کي ايٽمي طور ختم ڪرڻ لاءِ نه، پر سياسي طور ڪمزور ڪرڻ جي راهه تي اڳتي وڌي رهيو آهي ـ ته جيئن هو مالڪاڻي حقن سان، پنهنجي مرضيءَ جا حڪم هلاي سگهي.

سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته اسرائيل جيڪو هر روز نئين مسلمان ملڪن تي حملو ڪري، ته ان تي عالمي برادريءَ طرفان ڪا به پابندي لاڳو ڇو ناھي ؟ڇو  ان جي فوجي امداد بند نٿي ڪئي وڃي؟ ڇو  ان جي قيادت تي بين الاقوامي فوجي عدالت ۾ مقدمو هلايو نٿو  وڃي؟  جڏهن ته اسرائيل ڪرڙوين بيگناهه ماڻهن جو رت وهايو آھي نه رڳو ،رت پر زميني سطح به رھڻ جي قابل ناهي ڇڏي. ڇا اهو ئي عالمي انصاف آھي ؟جتي طاقتور ،صحيح ،۽ ڪمزور غلط؟   لڳي ته ايئن رھيو آھي ت هيءَ دور بلڪل انڌير نِگري چوپٽ راڄ ،جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ، جتي نه قانون آهي، نه انصاف، دنيا جي طاقتور ملڪن لاءِ ڪو به عالمي قانون لاڳو ناهي، ۽ ڪمزور ملڪن لاءِ هر وقت قاعدا، پابنديون ۽ تذليل جا ضابطا ٺاهيا وڃن ٿا. اقوام متحده، UN، سلامتي ڪائونسل، انساني حقن جا ادارا ـ سڀ رڳو باقي نالي جا بچيا آهن، جيڪي حقيقي ظلم خلاف ايترا ئي بي حس آهن، جيترو گونگو انصاف.

اقوام متحده جا بيان هاڻ رڳو رسمي فائيلن ۾ محفوظ ٿيندڙ لفظن تائين محدود بڻجي ويا آهن. جيڪي رڳو جنگ جي تائيد ڪن ٿا، ۽ امن جي اميدن کي دفن. انهن ادارن جي خاموشيءَ سان هاڻ پڪ ٿي چڪي آهي ته اهي فقط امريڪا ۽ اسرائيل جي سياسي بالادستي کان سواءِ ڪجهه به نه رهيا آهن. اڄ جي حالتن ۾ سڀ کان وڏو الميو، اسلامي دنيا جي خاموشي پڻ  آهي. عرب ليگ هجي يا مسلمان طاقتور ملڪ، سڀ مصلحت، واپاري لاڳاپن، ۽ پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي سياست ۾ ايترا ته گهريل آهن، جو هو ظلم جي خلاف آواز نه ٿا اٿاري  سگهن. پر سوال اهو آهي ته ڪيتري دير تائين؟ ڇا اهي سمجهن ٿا ته انهن جي خاموشي کين بچائي وٺندي؟

هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عرب ليگ ۽ اسلامي دنيا جا باقي بچيل غيرتمند ملڪ اڳتي اچن، گڏ ٿين، ۽ مغربي سامراجيت جي خلاف هڪ آواز بڻجن. انڪري جو ھي  حملو رڳو ايران تي نه   هي مسلمانن جي حيثيت، خودمختياري، عقيدي ۽ انسانيت تي حملو آهي. جيڪڏهن اڄ به مسلم دنيا پاڻ ۾ اتحاد نٿي ڪري، ته پوءِ سڀاڻي اھڙا اوچتا جنگي حملا انھن تي به ٿي سگھن ٿا جنھن کي روڪڻ وارو ڪير به نه ھوندو.

اقوام متحده جا بيان هاڻ رڳو رسمي فائيلن ۾ محفوظ ٿيندڙ لفظن تائين محدود بڻجي ويا آهن. جيڪي رڳو جنگ جي تائيد ڪن ٿا، ۽ امن جي اميدن کي دفن. انهن ادارن جي خاموشيءَ سان هاڻ پڪ ٿي چڪي آهي ته اهي فقط امريڪا ۽ اسرائيل جي سياسي بالادستي کان سواءِ ڪجهه به نه رهيا آهن. اڄ جي حالتن ۾ سڀ کان وڏو الميو، اسلامي دنيا جي خاموشي پڻ  آهي. عرب ليگ هجي يا مسلمان طاقتور ملڪ، سڀ مصلحت، واپاري لاڳاپن، ۽ پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي سياست ۾ ايترا ته گهريل آهن، جو هو ظلم جي خلاف آواز نه ٿا اٿاري  سگهن. پر سوال اهو آهي ته ڪيتري دير تائين؟ ڇا اهي سمجهن ٿا ته انهن جي خاموشي کين بچائي وٺندي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.