اسرائيل نيٺ نه مڙيو هن ايران خلاف پنهنجي بزدلاڻي جارحيت جو مظاهرو ڪندي ٻيهر ايران کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيلي جهازن ڪالهه جمعي جي ڀلاري ڏينهن صبح جو سوير تهران جي ايراني تنصيبات حساس ٺڪاڻن ۽ رهائشي هنڌن مٿان عين ان وقت حملو ڪيو جڏهن اتان جا ماڻهو آرامي هئا. آمريڪا ۽ اسرائيلي قيادت هنن حملن جي تصديق ڪئي آهي پر آمريڪا حسب روايت پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو آهي ته هن حملي بابت آمريڪا کي ڪا به اڳواٽ خبر نه هئي جڏهن ته اسرائيل چيو آهي حملي کان اڳ آمريڪا کي آگاهه ڪيو ويو هو. ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا کڻي ڪهڙيون به وضاحتون ڪري پر هن حملن ۾ آمريڪي پٺڀرائي شامل آهي جيڪا آمريڪا کي ڀوڳڻي پوندي. اسرائيل جي هن حملي بعد ايران سميت ڀر پاسي وارن اسلامي ملڪن ۾ خوف و هراس پئدا ٿي چڪو آهي ۽ عوام کي محتاط رهڻ جو چيو ويو آهي. ايران ۾ هن وقت لکن جي انگ ۾ زائرين ۽ پرڏيهي سياح ڦاٿل آهن جيڪي پڻ خوف و هراس ۾ ورتل آهن جن ۾ پاڪستاني زائرين ۽ سياح به شامل آهن. ايران تهران جو بين الاقوامي امام خميني هوائي اڏو ۽ سموريون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن.
ايران کي هن حملي جي اڳواٽ خبر ۽ خطرو به هو پوءِ ايران ڪهڙي سبب پنهنجو بچاءَ ڪري نه سگهيو جنهنڪري کيس وڏو جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي. آمريڪي حڪومت اسرائيلي جارحيت سبب پئدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ امن جي قيام لاءِ اجلاسن مٿان اجلاس ڪوٺائي رهي آهي جڏهن ته اسرائيل دعوي ڪئي آهي ته هن ايران جو سمورو جوهري ۽ دفاعي نظام هڪ ئي حملي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جو هڪ ٽوئيٽ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن صاف صاف چيو آهي بلڪه هڪ قسم جي ڌمڪي ڏني آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا سان ھاڻي ان وقت تائين جنگ جاري رھندي جيستائين اھي صفحه ھستي تان مٽجي نٿا وڃن. سندس چوڻ آهي ته شھادت جو موت خدا سان ملاقات جو رستو آھي جيڪو رستو چونڊڻ تي ھر ايراني فخر ڪري ٿو.
تهران مٿان ٿيل بئلاسٽڪ ميزائيلن وسيلي اسرائيلي حملي جي نقصان جا وچور مڪمل طور سامهون اچي ناهن سگهيا پر اسرائيل جي دعوي آهي ته هن فضائي حملي ۾ ايراني چيف آف اسٽاف جنرل محمد باقري سميت وڏي انگ ۾ ائٽمي سائنسدانن کي نشانو بڻايو ويو آهي البته ايراني خبر رسان ادارن محمد باقري جي شهادت واري خبر جي ترديد ڪئي آهي جڏهن ته حقيقت جو انتظار آهي. اسرائيل بيلاسٽڪ ميزائيلن سان فضائي حملا ڪيا جنهن سان ايران جي جوهري ۽ دفاعي تنصيبات کي نه صرف نقصان پهتو آهي پر پاسداران انقلاب جو سربراهه حسين سلامي ۽ جوهري سائنسدان اسرائيل جي فريد عباسي ۽ محمد مهدي به شهيد ٿيا آهن جنهن ڪري پوري امت مسلمه نه صرف سوڳ ۾ ورتل آهي پر ايران مٿان ٿيل اسرائيلي حملي جي مذمت پڻ ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سعودي عرب به شامل آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي ان کي ايراني سالميت مٿان وار قرار ڏنو آهي. ترڪي روس چين به اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اسرائيلي حملي بعد ايران اسرائيل وچ ۾ جنگ ڇڙي چڪي آهي ايراني قيادت اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ جرڳا ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف آمريڪا ۽ برطانيا جنگ ڇڙڻ ۽ اسرائيل مٿان ڪنهن به ممڪنه حملي جي صورت ۾ اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اهڙي صورت ۾ ممڪن آهي ته روس به هن جنگ ۾ ايران جو ساٿ ڏئي ۽ عالمي جنگ ڇڙي جنهنجا پوري دنيا تي اثر پون. اسرائيل پاران ايران تي هي ڪو پهريون حملو ناهي سال ٻه اڳ به اسرائيل ايران کي پنهنجي جارحيت جو نشانو بڻائي چڪو آهي جنهن ۾ به ايران جا فوجي ڪمانڊر شهيد ٿيا هئا جنهن کان پوءِ ايران به اسرائيل خلاف هڪ اڌ جوابي ڪاروائي ڪري اسرائيلي هوائي اڏن کي نقصان پهچايو هو جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشيدگي وڌي هئي جنهنجو اهو به نتيجو نڪتو جو ايران ترجيحي بنيادن تحت پنهنجو جوهري پروگرام اڳتي وڌايو ۽ دنيا اندر هڪ نئين جوهري ملڪ طور سامهون آيو. آمريڪا ايران کي جوهري ملڪ بڻجڻ کان روڪڻ جون ڪافي ناڪام ڪوششون ڪيون ۽ جوهري پروگرام تان هٿ کڻڻ جي عيوض سندس خلاف مڙهيل معاشي پابنديون هٽائڻ ۽ مالي امداد ڏيڻ جون به آڇون ڪيون پر ايران پنهنجي هوڏ تي بضد رهيو ۽ پاڻ کي جوهري ملڪ بنائڻ ۾ ڪامياب ويو جيڪا ڳالهه آمريڪا ۽ اسرائيل کي پسند ناهي جنهن کانپوءِ اسرائيل ايران خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪئي هئي جيڪا هن ڪالهه صبح جو فضائي حملي جي صورت ۾ پوري ڪئي. اسرائيل وقت به وقت جڏهن به کيس موقعو مليو آهي ايران اندر ۽ ايران کان ٻاهر ايران جي ٺڪاڻن ۽ سفارتخانن تي حملا ڪري ايران کي مڇرائيندو رهيو آهي. هن کان اڳ ايراني ڪمانڊر محمد رضا زاهدي شام ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو هو. بعد ۾ ايراني فوجي صلاحڪار سعيد ابرار کي به شام ۾ شهيد ڪيو ويو هو.
اسرائيل شروع کان ئي مسلمان ملڪن کي هر وقت دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ فلسطينن تي حملا ڪري انهن جي نسل ڪشي ڪرڻ ۾ ملوث رهندو آيو آهي ۽ ايران جو انهي ڪري به مخالف رهيو آهي جو هو فلسطينن جي ڳالهه ڪندو ۽ انهن جي امداد ڪندو آيو آهي ۽ آزاد فلسطيني رياست جو مطالبو ڪندو رهي ٿو. ايران مٿان تازو حملو انوقت ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪي صدر سعوديه عرب قطر ۽ دبئي جا دورا ڪري واپس واشنگٽن پهتو هو جنهن ۾ هن عرب ملڪن تي زور ڀري ويو هو ته اهي اسرائيل کي تسليم ڪن يا انجي مخالفت بند ڪن. آمريڪا جي ڏڍ تي يوڪرين به فوري طور روس تي حملو ڪيو هو جتي پڻ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ جنگ وارو ماحول آهي. آمريڪي صدر عرب ملڪن جي دوري دوران ڪروڙين آمريڪي ڊالر لاڳاپيل ملڪن جي سربراهن کان وٺڻ سان گڏ آمريڪي اڏن جي قيام لاءِ سهولتون پڻ ورتيون جنهن مان اهو پتو پيو ته آمريڪا امن جي بهاني مسلم ملڪن کي ڪنهن به وقت جڏهن به چاهي ته نشانو بڻائي سگهي ٿو معاشي پابنديون مڙهي سگهي ٿو. ڀارت جڏهن پاڪستان خلاف جارحيت ۽ اڳرائي جو مظاهرو ڪيو ته آمريڪا خاموش تماشائي وانگر ڏسندو رهيو جڏهن پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي حڪومت ان اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت جي تباهي ڏٺي ته ڪجهه لمحن اندر ٽرمپ امن جو پيغام موڪلي جنگبندي ڪرائي ڀارت کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو پر عالمي مبصرن موجب ٽرمپ جي اها چالاڪي هئي ڪنهن به وقت ٻيهر جنگ ڇڙي سگهي ٿي.
آمريڪا جوڪهڙو به صدر هجي اسرائيل ۽ ڀارت جي حقن ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ۽ مسلمان ملڪن کي خوف و هراس هيٺ رکيو ويو آهي ۽ انهن تي معاشي پابنديون مڙهي پنهنجا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن. آمريڪا ان ريت وائکو ٿي چڪو آهي ۽ دنيا کيس امن پسند ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي ٽوئيٽ کانپوءِ ايران اسرائيل جنگ جو باقائده آغاز ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ايران اسرائيلي جارحيت جو فوري جواب ڏيندي هڪ سئو کان مٿي ڊرون حملا ڪيا آهن جنهن جي تصديق اسرائيلي حڪومت پڻ ڪئي آهي. هنن حملن ۾ اسرائيلي فوجي اهميت جي تنصيبات کي ڪنهن حد تائين نقصان پهتو آهي جنهن جا تفصيلات اچڻ باقي آهن. ايران جي جوابي حملن بعد آمريڪا جي ننڊ ڦٽل آهي جنهن لاءِ آمريڪا پنهنجي حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي ممڪن آهي ته آمريڪا اسرائيل مخالف ملڪ ايران جو ساٿ ڏين جنهن سان اڳتي هلي ڪا خوفناڪ ٽين عالمي جنگ ڇڙي. ٿي سگهي ته ڀارت به اسرائيل جو ساٿ ڏئي پنهنجا نمبر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري هونئن به ڀارت جا اسرائيل سان اعتماد وارا لاڳاپا آهن ۽ اسرائيل کان جنگي سامان خريد ڪندو رهيو آهي جيڪو پاڪ ڀارت تازي ويڙهه ۾ استعمال ٿي چڪو آهي. ڀارت خطي ۾ وڌندڙ جنگي جنون جو ڪنهن حد تائين فائدو وٺي سگهي ٿو جنهن لاءِ گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن امڪاني عالمي جنگ کي روڪرائي سگهجي ۽ ڇڙڻ جو موقعو مهيا نه ڪجي.
ايران هڪ اسلامي ملڪ آهي جيڪو هن جنگ ۾ اڪيلي سر آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيو ساڳي وقت اسلام ۽ امت مسلمه جي بقا جو سوال آهي تنهنڪري دنيا جا سمورا اسلامي ملڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي صيهوني جارحيت جو مقابلو ڪن ۽ اسلام دشمن ملڪن جو سماجي ۽ معاشي بائڪاٽ ڪن ۽ پنهنجي وسيلن جي پاڻ حفاظت ڪن. آمريڪا کي پنهنجي غلطي ۽ هوڏ تي اسلامي ملڪن ۽ مسلمان قوم کان معافي وٺي ايران کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري ۽ اسرائيل کي امن جو درس ڏئي. في الحال اسرائيل ۽ آمريڪا ڀلي هنڀوشيون هڻن پر ايران کي ڪمزور نه سمجهڻ گهرجي وٽس اها طاقت آهي جنهن جون رڙيون راڄ ٻڌي سگهن ٿا. بهرحال جنگ جو مستقبل ڪهڙو هوندو في الحال پاڪستان جي حڪومت کي ايران ۾ ڦاٿل پنهنجي شهرين جي خيريت جو پتو لڳائڻ گهرجي ۽ انهن جي باحفاظت واپسي لاءِ ڪوششون وٺي.