اڄ 14 جون تي سڄي دنيا ۾ ” رت جي عطيي جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي. جيڪو بنيادي طور تي مشهور سائنسدان ڪارل لينڊ اسٽينر جي سالگرهه جي مناسبت سان ملهائبو آهي، جنهن بلڊ گروپنگ سسٽم (ABO) جي ايجاد ڪئي هئي. هي ڏينهن انهن خاموش محسنن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي جيڪي رضاڪاراڻي طور رت عطيو ڪندا آهن ۽ انهن لکين ماڻهن جي زندگين کي بچائين ٿا، جن کي هو شايد سڃاڻن به نه ٿا.
هي ڏينهن اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته اسان جو هڪ ننڍڙو عمل ڪنهن جي زندگي کي مڪمل طور تبديل ڪري سگهي ٿو. رت جو عطيو صرف طبي ضرورت نه آهي، پر هڪ انساني ۽ روحاني فرض به آهي، جنهن جي اسلام به وڏي تعريف ڪئي آهي.
سڄي دنيا ۾ هر سال لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ رت جي بيگن جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي ايمرجنسي حالتن يا مختلف بيمارين جي مريضن لاءِ ضروري هونديون آهن. هر مهيني لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ بيگز جي گهرج ٿيندي آهي پر ترقي پذير ملڪن ۾ رت جي کوٽ هڪ مستقل مسئلو بڻيل آهي، جنهن سبب هر سال لکين ماڻهو رت نه ملڻ جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا.
پاڪستان جي صورتحال به ايتري مختلف ناهي. هتي رضاڪاراڻي طور رت عطيو ڪرڻ جو لاڙ تمام گهٽ آهي. ملڪ ۾ هر مهيني لڳ ڀڳ ٽي لک بيگز جي ضرورت ٿيندي آهي، پر ان مان صرف 30 سيڪڙو رت رضاڪاراڻي طور عطيو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته باقي 70 سيڪڙو رت مريضن جي وارثن ۽ ڪٽنب طرفان مهيا ڪيو ويندو آهي. انهن لاءِ رڳو رت حاصل ڪرڻ مشڪل ناهي، پر پرائيويٽ اسپتالون ان عمل لاءِ انتهائي مهانگا ٽيسٽ ۽ فيسون به وٺن ٿيون، جيڪو انتهائي فڪر جوڳي ڳالهه آهي.
رت جي ٻين ضرورتن سان گڏوگڏ هڪ بيماري ”ٿيليسيميا“ به آهي، جنهن جا مريض هر 15 ڏينهن يا مهيني رت جي ضرورت ۾ هوندا آهن. تصور ڪريو ته هڪ ماءُ يا پيءُ کي هر مهيني ٻه کان ٽي ڀيرا رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ هڪ لک ٻار ٿيليسيميا جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن، جن کي هر مهيني ٻن کان ٽن ڀيرا رت جي ضرورت پوي ٿي. ان حساب سان صرف ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ ئي هر مهيني 2 لک کان وڌيڪ بيگز جي ضرورت هوندي آهي.
هي رڳو هڪ بيماري جي مثال آهي. هيموفيليا، رت جي کوٽ، زچگي دوران پيچيدگيون، حادثا ۽ وڏيون سرجيريون، اهڙا ڪيترائي سبب آهن، جن لاءِ رت جي فوري ضرورت پوي ٿي. خوش قسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ڪي ادارا اڃا به اهڙا آهن جيڪي هن انسانيت ڀري فرض کي شعور ۽ خلوص سان نڀائن ٿا۔ انهن مان ”سندس فاؤنڊيشن“ جو نالو نمايان آهي. سندس فائونڊيشن نه رڳو ٿيليسيميا ۽ هيموفيليا جي مريضن کي مفت رت مهيا ڪري ٿي، پر انهن جي مڪمل علاج، دوائن، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ ڪائونسلنگ جي سهولتن سان به مدد ڪري ٿي. سندس جا مرڪز لاهور، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، فيصل آباد، سرگودھا، وزيرآباد، حافظ آباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ موجود آهن، جتي روزانو سوين مريضن جون حياتيون بچايون وڃن ٿيون.
الميو اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ رت ڏيڻ کي اڃا تائين خوف ۽ غلط فهمين سان ڳنڍي ڇڏيو ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته رت ڏيڻ سان ڪمزوري ٿيندي آهي يا بار بار رت ڏيڻ سان صحت متاثر ٿيندي آهي، جڏهن ته طبي سائنس ان ڳالهه تي متفق آهي ته هڪ صحتمند ماڻهو هر ٽي مهينا بغير ڪنهن نقصان جي رت ڏئي سگهي ٿو. تحقيقن موجب رت ڏيڻ سان دل جي صحت به بهتر ٿيندي آهي ۽ جسم جو رت ٺاهڻ وارو عمل وڌيڪ فعال ٿي وڃي ٿو. اسلامي تعليمات به رت ڏيڻ کي هڪ عظيم نيڪي قرار ڏين ٿيون. قرآن پاڪ جي سوره المائده ۾ آهي ته ”جنهن هڪ انسان جي جان بچائي، ڄڻڪ هن سڄي انسانيت کي بچايو“. حضور ﷺ جو فرمان آهي ته ”اوھان مان بھترين ماڻھو اھو آھي جيڪو ٻين لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند آھي“. رت ڏيڻ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ڪنهن اجنبي کي زندگي جو تحفو ڏئي سگهي ٿو ۽ اهو صدقو جاريو آهي، جيڪو عطيو ڏيندڙ لاءِ مرڻ کانپوءِ به اجر جو سبب بڻجي ٿو.
سندس فائونڊيشن جا رضاڪار ڊاڪٽر ۽ رت ڏيندڙ ماڻهو اهي خاموش سپاهي آهن، جيڪي بنا ڪنهن صلي جي ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪن ٿا۔ انهن جي مهربانيءَ سان اڄ هزارين ٻار اسڪول وڃن ٿا، نوجوانن جي زندگيءَ جا خواب زنده آهن ۽ والدين جي اکين ۾ اميد جي روشني برقرار آهي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد رڳو ايترو آهي ته اسان مان هر ماڻهو سوچي ته هن مشن ۾ هو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟ ڇا اسان هر سال ٽي ڀيرا رت نٿا ڏئي سگهون؟ ڇا اسان پنهنجي سالگرهه، عيد يا ڪنهن خاص ڏينهن کي ڪنهن جي لاءِ زندگيءَ جي ڏينهن ۾ تبديل نٿا ڪري سگهون؟ جيڪڏهن توهان صحتمند آهيو ته يقين ڄاڻو ته توهان جي رڳن ۾ وهندڙ رت ڪنهن جي سانسن جو سهارو بڻجي سگهي ٿو.
اچو ته هن ڏينهن کي رڳو هڪ خبر، اعلان يا سوشل ميڊيا پوسٽ تائين محدود نه رکون. ان کي هڪ عملي واعدو بڻايون. پنهنجي ويجهو بلڊ بئنڪ وڃو يا سندس فاؤنڊيشن جهڙي ڪنهن معتبر اداري سان رابطو ڪريو. رت ڏيو، زندگي ورهايو ۽ هڪ اهڙي دنيا جو حصو بڻجو جتي انسان انسان جي ڪم اچي.
هن سال رت جي عطيي جي عالمي ڏينهن جو موضوع آهي:
“Give blood, give hope: together we save lives”
”رت ڏيو، اميد ڏيو، گڏجي زندگيون بچايون“
بلڊ ڊونرز ڊي جي موقعي تي حڪومت پاڪستان ۽ صوبائي حڪومتن کان به اپيل آهي ته رت ڏيڻ وارن شهرين لاءِ ٻين ملڪن وانگر خاص سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي وڃي ته جيئن رت ڏيڻ جو صحتمند رجحان پيدا ٿئي ۽ ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو رت نه ملڻ سبب جان نه وڃائي. ٿيليسيميا، هيموفيليا ۽ رت جي ٻين بيمارين سميت رت جي سرطان جي مريضن جي مدد لاءِ سندس فائونڊيشن ۽ اهڙن ٻين ادارن کي رت جي عطين جي سلسلي کي وڌائڻو پوندو، ته جيئن پاڪستان ۾ انهن بيمارين جي مريضن لاءِ سهولتون پيدا ٿين. ياد رکو، ڪنهن ماءُ جي دعا، ڪنهن ٻار جي مرڪ، يا ڪنهن پيءُ جي سڪون جو رشتو، شايد توهان جي عطيو ڪيل هڪ بيگ رت سان جُڙيل هجي.