ماڻهن جي ڪاڪوس مان ٺهيل ڪيپسول صحت لاءِ فائديمند

برطانيا ۾ نئين تحقيق تحت انساني فضلي تي ٻڌل ڪيپسول، جن کي "پُوُ پِلس" سڏيو پيو وڃي، جو استعمال مختلف طبي مسئلن، خاص طور تي اينٽي بائيوٽڪ مزاحم انفڪشنز سان وڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

اهي ايف ايم ٽي ڪيپسولز صحت مند عطيو ڏيندڙن جي فضلي مان زهريلا بيڪٽيريا خارج ڪري خشڪ ڪري تيار ڪيا وڃن ٿا، ته جيئن اهي مريض جي آنڊن تائين پهچي، نقصانڪار جراثيمن جي مقابلي ۾ مددگار ثابت ٿين.

لنڊن جي گائِيز اينڊ سينٽ ٿامس اسپتال جي محققن 41 مريضن تي هڪ ڪلينيڪل ٽرائل ڪيو، جنهن ۾ اڌ مريضن کي ٽن ڏينهن تائين لڳاتار فضلي وارا ڪيپسول ڏنا ويا.

هڪ مهيني کانپوءِ پوءِ انهن مريضن جي آنڊن ۾ فائديمند بيڪٽيريا جي واڌ ڏٺي وئي، جنهن مان ظاهر ٿيو ته اهي ڪيپسول انفڪشنز کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا.

دنيا ۾ هر سال لڳ ڀڳ ڏهين ارب ماڻهو اينٽي بائيوٽڪ مزاحم انفڪشنز سان متاثر ٿين ٿا، تنهن ڪري هن طريقي کي هڪ اهم اميد طور ڏٺو پيو وڃي.

خطرا

تنهن هوندي به، برطانيا ۾ سرڪاري طور تي رڳو ڪلوسٽريڊيم ڊي فسيل جي علاج لاءِ انهن ڪيپسولز جي منظوري ڏني وئي آهي. باقي طبي حالتون (جهڙوڪ ڪينسر، ذيابيطس، دماغي بيماريون وغيره) اڃا تائين تحقيق يا نجي ڪلينڪن تائين محدود آهن.

نجي طور تي ايف ايم ٽي ڪيپسولز مختلف بيمارين جهڙوڪ ذيابيطس، سهڪي، ايتري تائين جو جواني موٽائڻ لاءِ به وڪرو ڪيا پيا وڃن، پر انهن جا ڊگهي مدي وارا اثر ۽ حفاظت اڃا تائين سهي نموني ثابت نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.