پاڪستان، ٻارن جي ڪينسر جي مفت دوائن واري عالمي پروگرام جو حصو بڻجي ويو

پاڪستان کي گلوبل پليٽفارم فار ايڪسيز ٽو چائلڊهوڊ ڪينسر ميڊيسنز (GPACCM) جي 2025ع واري پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ملڪ ۾ ايندڙ سال ٻارن جي ڪينسر جون مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون.

صحت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ سينٽ جوڊ چلڊرنز ريسرچ اسپتال جي وفد سان ملاقات دوران هن چونڊ کي "هڪ اهم سنگ ميل” قرار ڏنو.

هن چيو ته پاڪستان لاءِ هيءَ ڳالهه فخر جو باعث آهي ته ان کي هن اهم عالمي پروگرام لاءِ چونڊيو ويو آهي.صحت واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 8,000 کان وڌيڪ ٻارن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، جن مان ڪيترائي دوائن جي کوٽ جي ڪري حياتيون وڃائي ويهن ٿا.

 هن ان موقعي تي چيو ته "ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن کي وقت سر ۽ مؤثر علاج جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي.”ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو ته GPACCM جي ذريعي پاڪستان عالمي وسيلن مان فائدو وٺي مقامي چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهندو.

هن اهڙي ڪامياب چونڊ تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن مقصد لاءِ گلوبل پليٽفارم مان ڀرپور فائدو ورتو ويندو.هي پروگرام خاص طور انهن ٻارن لاءِ اميد جي راهه آهي، جيڪي ڪينسر جي علاج جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن.

صحت واري وزارت مطابق، هن قدم سان نه رڳو ٻارن جي موت ۾ گهٽتائي ايندي، پر ڪينسر جي علاج جي معيار ۾ به سڌارو ايندو.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي وڏي انگ کي علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج نٿو ملي. هن عالمي سهڪار سان ملڪ ۾ ٻارن جي ڪينسر جي سار سنڀال جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي اچي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.