سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو اعتراف

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

پاڪستان جي تازي اقتصادي سروي 2024-25 ۾ هڪ ننڍڙي نوٽ سان ڏيکاريل اها تلخ حقيقت آهي ته سنڌ جا سرڪاري اسڪول بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ جو شڪار آهن. جيتوڻيڪ هي رپورٽ هڪ ”اعداد و شمار“ جو بيان ڪري ٿي، پر ان جي پٺيان لکين ٻارن جي روزمره جي اذيت، محرومي ۽ نظام جي بي حسيءَ جو هڪ ڊاڪيومينٽري ڊرامون چڱيءَ طرح پيش ٿئي ٿو.

اسين جڏهن بنيادي سهولتن جو  سنڌ جو  باقي صوبن سان صوبائي تقابلي جائزو وٺون ٿا ته اهو تقابلي جائزو ڏيکاري ٿو ته سنڌ تعليم جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ پسماندگيءَ جي انتھائي حد تي پهتل آهي جيئن، بجلي ته اها  صرف 31% اسڪولن ۾ موجود آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 99% ۽ خيبر پختونخوا ۾ 86%. پيئڻ جو پاڻي: سنڌ ۾ 58% اسڪولن ۾ صاف پاڻي مهيا آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 100% ۽ ڪي پي ۾ 89%. ٽوائليٽ ۽ چوديواري: سنڌ ۾ 57% اسڪولن ۾ ٽوائليٽ (ڪاڪوس خانا) ۽ 61% ۾ چوديواري آهي ۽ ڪلاسن جي ڇتين جا چاپڙ شاگردن مٿان ڪرڻ روز جو معمول آهن جيڪي ٻارن جي صحت ۽ تحفظ لاءِ سنگين خطرو آهن.

ڇا سنڌ جي ٻارن کي بنيادي انساني حقن کان محروم رکڻ جو ڪوئي فيصلو ڪيو ويو آهي؟ ڇا سنڌ جي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم يا  وزيراعليٰ کان ڪنهن به هڪ کي پنهنجي ٻار کي ايتري خراب حالت واري اسڪول ۾ پڙهائڻ جي همت ٿيندي يا ڪنهن به ايم پي اي يا ايم اين جو ٻار اهڙي اسڪول ۾ پڙهندڙ آهي؟

سنڌ جي حڪومت 2022 جي ٻوڏ کي هن بحران جو بهانو  ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سوال اٿي ٿو: ڇا ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوشهروفيروز ، جيڪب آباد ۽ ٻين 30 ضلعن۾ به ٻوڏ اچي وئي هئي؟  ڇا بلوچستان، جيڪو سنڌ کان به گهڻو پسمانده آهي، ان کان سنڌ جي اسڪولن  بهتر ڄاڻي اسان جون حڪومتون ڪرپشن ۽ نااهلي ۾ محو ۽ مست هجن؟  ڇا 17 سالن جي مسلسل پيپلزپارٽي جي حڪمرانيءَ ۾ هڪ به اسڪول کي مڪمل بنيادي سھولتن سان آراستا  ٺاهي سگهيو ويو آهي، سواءِ گورنمينٽ جي اين جي اوز ٽائيپ اسڪولن جي؟

جواب صاف آهي ته انتظامي نااهلي، بدعنواني ۽ ترجيحن غلط پاليسيون هن بحران جو بنيادي سبب آهي. تقريبن ٽي سال اڳ آيل هٿرادو ٻوڏ کي حڪومت سنڌ هميشه پنهنجي بي حسي کي لڪائڻ لاءِ ٻوڏ ،ٻوڏ ورجائي  هر شيءِ کي لئي مٽي ڪندي ويندي آهي ۽ سنڌ حڪومت وٽ ٻوڏ کان وڌيڪ ڪو ٻيو  بهانو ڇو نه آهي؟

سنڌ حڪومت هر سال تعليم لاءِ سئو اربن روپين جو بجيٽ مختص ڪري ٿي. ان کان سواءِ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، ۽ گلوبل پارٽنرشپ آف ايڊيوڪيشن (GPE) جهڙن عالمي ادارن کان وڏي پئماني تي فنڊ وصول ڪيا ويا آهن. پر سوال اٿي ٿو. ڇا ڪيترا اسڪول سولر سسٽم، واٽر فلٽر، يا جديد ٽوائليٽ سان لاڳاپيل منصوبا مڪمل ٿيا؟

ڇو اين جي اوز ۽ مقامي عوام کي اسڪولن جي مرمت ۽ سهولتن لاءِ خود مُتحرڪ ٿيڻو پوي ٿو ۽ توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته  ڪٿي وڃي رهيا آهن اهي سئو ارب روپيا؟

جواب ۾ ته  هڪ ئي لفظ سامهون اچي ٿو اهو آهي ”بدعنواني“.

اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟

انهيءَ جا اصل حل هڪ سٺي حڪمراني لاءِ هيٺيان آهن جيئن،

هڪ آزاد ۽ شفاف آڊٽ جنهن سان تعليم کاتي جي فنڊن جو مڪمل آڊٽ ڪيو وڃي ۽ ڪارروائي ڪندڙن کي جوابده ٺهرايو وڃي.

عوامي نگراني هيٺ هر ضلعي جي اسڪولن جي حالت بابت رپورٽون، عوامي دانهون ۽ ڪوڪون  ظاهر ڪيون وڃن.

بنيادي سهولتن جو فوري بندوبست ڪرڻ لاءِ سولر پينل، صاف پاڻي، ٽوائليٽ ۽ چوديواري جي سهولتن کي ترجيحي ۽ هنگامي  بنيادن  تي مڪمل ڪيو وڃي.

سياسي اثر کان پري رهي ڪري  اسڪولن جي ترقي لاءِ منصوبا سياسي سفارشن جي بدران، ضرورت جي بنياد تي ٺاهيا وڃن.

آخري لفظن ۾ ته سنڌ جا ٻار رڳو ”مستقبل جا ووٽر“ نه آهن، اهي هن ملڪ جو اصل اثاثو آهن. جيستائين انهن کي روشن، محفوظ ۽ وقار سان گڏ تعليمي ماحول مهيا نه ڪيو ويندو، تيستائين سنڌ جي ترقيءَ جا نعرا رڳو هڪ ڪوڙو خواب رهندا.

حڪومت کي چئبو ته ڇا توهان جو اولاد به اهڙن ئي، بجليءَ کان محروم، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ وارن اسڪولن ۾ گهربل تعليم وٺي رهيا آهن؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ سنڌ جي ٻارن کي به انهن ئي بنيادي حقن جو حقدار ڇو نه سمجهندا آهيو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.