سفارتي ميدان ۾ پاڪستان کي مليل مڃتا ۽ ڪشمير جو مسئلو

پاڪستان ۽ ھندستان جي گذريل مھيني جي لڙائي کانپوءِ ٻنھي ملڪن سفارتي ميدان ۾ مقابلو شروع ڪيو، جنھن جو پاڪستان کي بھرحال ڪافي فائدو ٿي رھيو آھي. جڏھن تھ ھي پھريون ڀيرو آھي جو پاڪستان جنگي ميدان ۽ سفارتي ميدان ۾ گڏيل ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ھندستان ڪيس ھڪ تھ اڳي ئي ڪمزور ھو ويتر ھندستاني اڳواڻن جي انا ۽ ضد جي ڪري، ھندستان کي ھر سطح تي ناڪامي جو منھن ڏسڻو پيو .

ھندستان جي اجائي ضد ۽ پھلگام واقعي ۾ حقيقت جي ابتڙ ڏند ڪٿائي قصي گھڙڻ سان ان کي خطي توڻي عالمي سطح تي ڪا بھ ڪاميابي نھ ملي آھي. جڏھن تھ ان جي مقابلي ۾ پاڪستان سوڀارو ٿيندي نظر اچي رھيو آھي. آمريڪا چٽو ڪيو آهي ته جنگ بندي کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪشمير جهڙي ڊگهي  مسئلي کي حل ڪرڻ  ضروري آهي ڇاڪاڻ ته  مسئلي حل نھ ٿيڻ جي صورت ۾ خطي ۽ دنيا ۾ تڪرار کان بچي سگهجي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ”صدر ٽرمپ نسلن کان هلندڙ ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي آڻڻ دوران به اها آڇ ڪئي هئي“.

بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي سفارتي وفد جي آمريڪا جي دوري  دوران  آمريڪا پاران اھڙو بيان سامھون آيو آھي.جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تھ  آمريڪي حڪومت ننڍي کنڊ  ۾ امن کي ضروري سمجهي ٿي ۽ سمجهي ٿي ته پاڪستان ۽ هندستان ٻئي ايٽمي هٿيار ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي رکندڙ ملڪ آهن. جنھن ڪري  پڻ ٻنھي ملڪن  وچ ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. پاڪستاني وفد اھڙي ئي  پيغام۽ اميد سان آمريڪا ويو ھو  ته پاڪستان، هندستان جي ڀيٽ ۾ جنگ  بدران امن چاهي ٿو ۽ سڀني مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستاني وفد اھو بھ واضح ڪيو  آهي ته پاڻي جي فراهمي ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. ان ھوندي  پاڪستان انهن ٻنهي مسئلن کان علاوه دهشتگردي ۽ واپار جي معاملن بابت گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ چاهي ٿو. عالمي اڳواڻ امن ۽ ڳالهين ذريعي مفاهمت جي خيال کي سمجهن ٿا. جڏهن ته هندستاني نمائندا اصرار ڪري رهيا آهن ته جيئن ته پاڪستان دهشتگردي کي اسپانسر ڪري ٿو، ان تي ڳالهه نه ٿي سگهندي. دنيا ۾ ڪنھن بھ تڪرار جي صورت ۾ ڳالهيون ئي آھن، جنھن سان بھتري نموني سان ڪو حل ڳولي سگھجي ٿو.

پاڪستان ۽ ھندساتن وچ ۾  اختلاف بھ  وڏا  آھن ۽ ٻئي ملڪ ھر مسئلي کي مختلف انداز ۾ ڏسي رهيا آھن. جيتوڻيڪ پاڪستان ڪافي سالن کان هندستاني جارحيت جي خلاف دفاعي طريقو اختيار ڪيو هو، پر هندستان، پاڪستان سان مسئلن کي حل ڪرڻ بدران، پهلگام واقعي جو الزام لڳائي پاڪستان کي طاقت سان دٻائڻ  جي ڪوشش ڪئي. پر پاڪستان جي جواب ۾  هندستان جي فوجي ۽ سفارتي حيثيت وڏي پئماني تي متاثر ٿي. هاڻي جڏھن  دنيا هن خطي ۾ امن چاهي ٿي ۽ تڪرار کان بچڻ چاهي ٿي. نئين دهلي پڻ ان عالمي دٻاءُ کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ڪري ان جا اڳواڻ تلخ بيان ڏئي رهيا آهن. اهو رويو ڪالهه هندستاني پرڏيهي وزير جئي شنڪر جي بيان ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن برسلز ۾ چيو ته ”جيڪڏهن پاڪستان هندستان کي ڀڙڪائي ٿو، ته هندستان پاڪستان جي اندر حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي“. ان جي ابتڙ پاڪستان جنگ بدران امن ۽ تڪرار جي بدران مفاهمت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح، هندستاني اڳواڻ پاڻ پنهنجن بيانن جي ڄار ۾ ڦاسندا نظر اچي رھيا آھن.

پاڪستاني سفارتي وفد جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هندستان صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو. پر اهي ڪامياب نه ٿينديون. جيڪڏهن ضروري هوندو ته، آمريڪا عالمي مفاد ۾ هندستان تي دٻاءُ وجهي  کيس ڳالهين جي ميز تي آڻيندو. ته جيئن پاڪستان ۽ هندستان علائقائي استحڪام ۽ ترقي لاءِ امن قائم ڪري سگهن. ٻنهي ملڪن جي تازين جهڙپن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير جو معاملو عالمي مسئلو بڻجي ويو آهي. هاڻي هن مسئلي کي عالمي حيثيت ملي چڪي آهي. هندستان کي اهو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ته ڪشمير هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي لھجي مان اھو اندازو  ڪري سگهجي ٿو ته سندس عالمي دوري دوران، هن کي  اعتماد حاصل ٿيو آهي ته آمريڪا معاملي جي سنگيني کي سمجهي ٿو ۽ هندستان کي ڳالهين لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

آمريڪا جي پاڪستان لاءِ رويي ۾ آيل تبديلي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي ڳالهه ٻڌڻ واري صورتحال کانپوءِ  اھو سمجھڻ گھرجي تھ حقيقت ۾ پاڪستان کي هڪ ڊگهي وقت کان پوءِ ھي سونھري موقعو مليو آھي. جنھن کي ڪتب آڻيندي پاڪستان کي هندستان سان معاملن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن لاءِ دليلن سان پنهنجو ڪيس پيش ڪري. ھن وقت  دنيا دليل ٻڌڻ چاهي ٿي. پر، هن وقت پاڪستان کي جذبات تي قابو پائڻ ۽ مضبوط سفارتي ٻولي ۽ لھجي سان پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي.

پاڪستان کي سفارتي ميدان ۾ مليل ڪاميابي بعد اھا اميد پيدا ٿي آھي تھ دنيا جا امن پسند اڳواڻ پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ڊگھي مدي واري مسئلي ڪشمير جي حل لاءِ ميدان نھ ڇڏيندا، جئين ان تي اڳڀرائي ٿي سگھي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ھي ھيڏو وڏو مسئلو ڪيترين ئي جنگين جو سبب بڻيو آھي. جنھن ڪري ئي عالمي اڳواڻن کي خدشو آھي تھ ان ڇڪتاڻ سبب نھ رڳو ھي خطو پر دنيا بھ غيرمحفوظ بڻجي نھ وڃي. اھو ئي سبب آھي جو پاڪستان جي امن واري ڳالھھ کي بھتر موٽ ملي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.