ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين پھرين مرحلي ۾ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي مقامي ڳوٺاڻن سان ظلمن ۽ زيادتين جون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين علائقي جي متاثر ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙهائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب اتان جا رھواسي ملڪ جي ترقي خاطر پنھنجا مڙھ مقام، اباڻا اجھا ۽ وڏڙن جون قبرون قربان ڪرڻ جي باوجود دربدر ٿي ڌڪا کائيندي نظر اچن ٿا،پنھنجي پڊن تان تڪراري ڄاڻايل انھن ماڻھن جا معاملا سنجيدگي سان حل ڪرائڻ بجاءِ ڪيس ڪري پيڙھڻ دردناڪ ڪٿا آھي.
ھڪ پاسي پيرن ھيٺ زمين ٿي کسڪي تي ٻي پاسي ڪيس پيا داخل ٿين،ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ٽي سي بي ڪمپني ۽ جھانگرو پوليس پاران ڳوٺ وروائي جي 38-38 ڄڻن ڳوٺاڻن تي الڳ الڳ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،ڳوٺ وروائي کي ٽن پاسن کان اڳ ۾ تارون ھڻي بند ڪرڻ بعد رھيل ھڪڙي پاسي کان مڪمل بند ڪرڻ جي ڪوشش بعد ڳوٺاڻن جي اعتراض تي پوليس ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ڪمپني به ساڳئي نوعيت جو ٻيو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ٿرڪول بلاڪ ون ڪمپني جي سينيئر سيڪورٽي آفيسر محمد علي جي فرياد تي جھانگرو ٿاڻي جي پوليس مقامي ڳوٺاڻن محمد امين لنجو، عزيز لنجو، الھوسايو لنجو، عمر لنجو، ميانداد لنجو، ڄام لنجو، ڪامران، شاھنواز سميت 28 ڄاتل ۽ 10 نامعلوم ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڳوٺ وروائي جي دل پاڙو لڳ نيو فينس جو ڪم ھلندڙ آھي، ڳوٺاڻن زبردستي ڪم روڪرائي جھيڙو ڪري ڪم ڪندڙ ليبر کي مارڪٽ ڪئي، جنھن بعد ڪم بند ڪرايو ويو آهي، نيو فينس جو ڪم ھلي رھيو آھي ڄاڻايل ڳوٺاڻا ڪم نٿا ڪرڻ ڏين، جڏھن ته ٻيو ڪيس جھانگرو پوليس پاران ساڳئي ڳوٺاڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو داخل ڪيو ويو آھي، انھي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد امين لنجو ۽ ٻين چوڻ آھي ته ٽي سي بي ڪمپني ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، اسان کي مڪمل طور معاوضا ناھن ڏنا ويا، ڳوٺ کي ٽن طرفن کان تارون لڳائي بند ڪرڻ بعد رھيل چوٿين پاسي کان تارون لڳائي بيريئر ھنيا پيا وڃن، اسان جي منع ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃڻ، ڪمپنيون اسان سان غلط ورتاءُ ڪري رھيون آھن، اسان جيڪي سرزمين تي موجود نه ھئاسين انھن کي به ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آھي، اسان اڃان ڳوٺ خالي ناھي ڪيو ۽ ڪمپني فينس لڳائي اتي گيٽ ھڻي سيڪورٽي وارن کي مقرر ڪرڻ چاھي ٿي اسان اڳ ۾ به ظلم ھيٺ آھيون ھاڻي مڪمل طور تي قيد ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي. ھن پلاننگ ۾ ضلعي انتظاميا به شامل آھي چونڊيل نمائندا اسان جي ڪا دانھن نه ٿا ٻڌن. اسان کي ڪمپنيون انسان تسليم نه ٿيون ڪن، ملڪ جي ترقي خاطر پنھنجا اجھا ڇڏي قرباني ڏني اڄ قرباني عيوض ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا ويا آھن.
جڏھن ته ٻئي طرف ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثر ڳوٺ وروائي لنجا ۾ بلاڪ تي ڪم ڪندڙ ڪمپني توڙي مقامي پوليس طرفان 28 کان مٿي لنجا برادري جي مااڻهن تي 2 ڌار ڌار ڪيل ڪيس کان پوءِ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ پوليس جي وڏن اٽالن ڳوٺ تي چڙهايون ڪري گهرن تي ڇاپا هنيا، ڳوٺاڻن موجب پوليس ڇاپن دوران ڳوٺ ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ٻارن ۾ دانهون پئجي ويون پر پوليس کي رحم نه آيو ۽ پوليس زبردستي 17 ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي ويئي ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ امين ولد درمحمد صيف الله ننگر وسايو دوسو ولد عدل جمن ولد نورو ميانداد ولد علي محمد عاطف ولد شبير هارون ولد نبو عزيز ولد لال بخش غلام ولد نبو علي ولد آچار منير ولد آچار زمان ولد رزاق عمران ولد بشير شهداد ولد وسايو بلال ولد احمد شامل آهن ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود چونڊيل نمائيندن سميت مقامي چڱا مڙس خاموش آهن ڪنهن به سار ناهي لڌي جنهن سبب هن وقت پوليس جو ڳوٺ تي چڙهايون جاري آهن، ٿرڪول ايريا جو جھانگرو ٿاڻو لاوارث بڻيل آهي، ايس ايڇ او موڪل تي ويل ھجڻ ڪري مقرر عملو ڊيوٽين تان غائب ھجي ٿو،معلومات وٺڻ مسئلو بڻيل آهي، ٿرڪول ڪمپنين جي چرچ تي ھلندڙ پوليس اسٽيشن جھانگرو ٿاڻو عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي، ڪمپنين جي حڪمن تي مقرر ٿيندڙ عملو ڊيوٽين بدران غائب رھي ٿو، گذريل ڏينھن ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ بابت تفصيل وٺڻ دوران پتو پيو ته اتي مقرر ايس ايڇ او موڪل تي ويل آھي ۽ پويان ٿاڻي تي ڪو به ذميوار نه ھو، رابطي دوران ننڊي منشي ٻڌايو ته آئون اسلام ڪوٽ شھر ۾ آھيان، اخر تائين رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر جھانگري ٿاڻي جي ڪنھن به ذميوار سان رابطو ٿي نه سگھيو، ڪافي ڪوششن بعد انسپيڪٽر ھميرجي سان رابطو ٿيو ان ٻڌايو چارج مون وٽ آھي پر آئون ٿاڻي ناھيان ويو، ٻي انسپيڪٽر مبارڪ راڄڙ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان فون اٽينڊ نه ڪيو.
بلاڪ ون تي سمورو ڪم عالمي قانون جي ابتڙ،عوام جا مسئلا حل توڙي معلوم ڪرڻ وارو ھڪ به آفيسر مقرر ناھي، معلوم ٿيو آھي ته سي ايس آر جو ڪم ڪرڻ ۽ پبلڪ سان رابطن ۾ رھڻ لاءِ مقرر ڪيل آفيسر ذاتي ڪمن ۾ مصروف آھن، ٿرڪول بلاڪ ون تي پبلڪ رليشن توڙي ميڊيا مينيجمينٽ سائيٽ تي ڪو به آفيسر مقرر نه هجڻ ڪري ڪمپنيون جئين وڻي تئين ڪم ڪنديون پيون اچن، جنهن سبب ڳوٺاڻا به عذاب ۾ اچي ويا آهن جن کي لينڊ سميت مختلف معاملن ۾ رُلائي دربدر ڪيو پيو وڃي، ڪمپنيون سي ايس آر جي مد ۾ ڪو به عوامي ڀلائي جو ڪم ناھن ڪري رھيون.
ياد رھي ته ٿرڪول بلاڪ ون منصوبي جي متاثر، پيڙھيل ۽ بي پھچ غريب ڳوٺاڻن کي اڃان تائين معاوضا ناھن ملي سگھيا، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڳوٺ جي 90 پرسن ڳوٺاڻن معاوضا وٺي ڇڏيا آهن، ڪمپنئز جي بقول ته صرف 10 پرسن ماڻھو رھيل آھن پر افسوس جھڙي ڪالھه آھي ته جيڪي رھيل ڳوٺاڻا آھن انھن جي ڪير به مالڪي نه پيو ڪري، ڳوٺ جي معزز ماڻھن کي ھن مشڪل وقت اندر ڳوٺ جي مظلوم ماڻھن سان بيھڻ کپجي ۽ انھن جا جائز مطالبا حل ڪرايا وڃن،
ٿر جي تاريخ رھي آھي ته ڪڏھن به ناجائز مطالبن لاءِ ٿر واسين ڪڏھن به ڪو احتجاج ناھي ڪيو، ڪمپنين ۽ روينيو جي ملي ڀڳت سبب ڳوٺاڻن سان مسئلا پيش اچي رھيا آھن، ظاھر آھي پوليس ۽ روينيو انتظاميه ڪمپنين وٽ مجبور ھجن ٿا پر جن ڳوٺاڻن کي معاوضو ملي چڪو آهي انھن تي به اھو فرض ٿئي ٿو ته ڳوٺ جا معزز ويھي اھڙن مسئلن کي حل ڪرائين، لاڳاپيل برادري جي معزز ماڻھن کي اتي وڃي متاثرين جي جائز مدد ڪرڻ کپجي ته جيئن اھي ظلم کان بچي سگھن. قانون موجب ڪمپنين کي اھو سڄو ڪم سماجي رابطن ذريعي ڳوٺاڻڻ جي آمادگي سان حل ڪرڻو آھي، پر ھتي سمورو ڪم ان جي مڪمل ابتڙ ٿي رھيو آھي. اميد ته تڪ جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي انھن ماڻھن جي مالڪي ڪندا جيئن پنھنجن ماڻھن جي پراون ھٿان تذليل ٿيڻ جو شروع ٿيندڙ عمل رڪجي سگھي.