مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتون هر سال بجيٽ ۾ ملڪي پالسين يا صوبائي پاليسين سان گڏ عالمي فنڊز جي بنياد تي نيون نيون اسڪيمون ۽ پروگرام يا ترقياتي منصوبا سامهون آندا ويندا آھن. مرڪزي حڪومت جي تعاون يا صوبائي پروگرامن جا ڪم ڪار، ترقياتي منصوبا ۽ ڪي نيون اسڪيمون جيئن حڪومت چاهي ڪندي آھي. پر بين الاقوامي فنڊيڊ ادارا جڏهن سيڙپ ڪن ٿا انهن جي ڪم ڪار جو طريقيڪار تبديل ٿئي ٿو.هن وقت به وڌيڪ نه سنڌ حڪومت جي بجيٽ 2024.25 ۾ سسٽين ايبل ڊوولپمنٽ گولز جو هڪ ڏنل پروگرام آھي.جنهن جي بجيٽ 45 ارب ڄاڻائي پئي وڃي. هيءَ بجيٽ گڏيل قومن جي ڏنل پروگرام تحت استعمال ڪئي ويندي، جنهن جو حدف 2030 تائين غربت جي خاتمي کان ويندي صحت، صفائي، تعليم ۽ سجاڳيءَ کان ويندي مختلف ٻيا سماجي پهلو رکيا ويا آھن.انهيءَ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
سنڌ حڪومت بجيٽ 2024-25 ۾ سسٽينيبل ڊولپمينٽ گولز (SDGs) جي لاڳو ڪرڻ لاءِ 45 ارب روپيا مختص ڪيا آهن SDGs، جيڪي گڏيل قومن پاران 2030 تائين عالمي سطح تي غربت جي خاتمي، تعليم، صحت، ماحول، صنفي برابري ۽ ٻين اهم ترقياتي مقصدن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، انهن جي سنڌ ۾ عملداري هڪ خوش آئنده قدم آهي. پر ڇا هي رڳو مالي اعلان آهي يا واقعي نتيجا ڏيندڙ قدم؟ ان سلسلي ۾ ھن پروگرام جو مجموعي طور جائزو وٺڻ کان پوءِ هيٺ ڪجھه ڳالهيون رکجن ٿيون. مختص رقم جا مرڪزي مقصد هيٺ ڏجن ٿا.
پائليٽ پروجيڪٽس، جيئن اسڪولن ۾ صاف پاڻي، هاءِ جين، گرلين جي سکيا لاءِ ورڪشاپس.
شهري ماحول ۽ صاف سٿرو نظام، تعليم، صحت، پاڻي، ماحول تي ڌيان – ان شعبن لاءِ مخصوص منصوبا SDGs سان ميل کائيندڙ ب۾ائڻ
سرڪاري ملازمن، نوجوانن ۽ سول سوسائٽي لاءِ جاڳرتا ۽ ۽ تربيت جا پروگرام Monitoring & Evaluation Systemڊيٽا گڏ ڪرڻ،رپورٽنگ،۽ شفافيت آڻڻ لاءِ نظام جوڙڻ
تعميري پهلو: سنڌ حڪومت پاران SDGs لاءِ جدا يونٽ (SDG Support Unit) جوڙي، ان جي تحت بجيٽ مختص ڪرڻ هڪ ادارتي قدم آهي.
ڪيترن ئي منصوبن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا پاليسين جي جديديت ڏانهن اشارو آهي. نوجوانن، عورتن ۽ شهري شعور وڌائڻ لاءِ ورڪشاپس، ڪلين اپ مهمون ۽ SDG روڊ شوز جو بندوبست پڻ سماجي ڀلائي جي نشاني آهي. هن پروگرام سسٽين ايبل ڊولپمنٽ گولز جو تنقيدي جائزو پيش ڪجي ٿو. شفافيت جو فقدان: اڪثر منصوبا پائلٽ سطح تائين محدود آهن ۽ انهن جو ڪو به اثرائتو آڊٽ يا نتيجن جي رپورٽ اڃا تائين موجود ناهي.
شهري بمقابله ٻھراڙي جو توازن: گهڻا منصوبا ڪراچي يا وڏن شهرن ۾ ٿين ٿا، جڏهن ته ڳوٺاڻي سنڌ SDGs جي اصل ضرورت رکندڙ علائقو آهي. قانوني دائري ۾ گهٽ اثر: ڪيترائي منصوبا قانونسازي کانسواءِ هلن ٿا، جنهن سان انهن جي پايداري خطري ۾ آهي. مختص رقم جي ورڇ واضح ناهي: 45 ارب روپين مان ڪيترا تعليم، صحت، يا ماحول تي خرچ ٿيندا، اهو تفصيل بجٽ ڪتابن ۾ به غير شفاف آهي.
تي ڪجھه تجويزون پيش ڪجن ٿيون. واحد منصوبي بدران ضلعي سطح جا مخصوص هدف مقرر ڪيا وڃن، جيئن هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3-4 SDG گولز تي مرڪوز ڪري سگهجي. هر 6 مهينن ۾ عوامي رپورٽ جاري ڪئي وڃي، جنهن ۾ خرچ، اڳڀرائي ۽ نتيجن جو ذڪرهجي. نوجوانن، خاص ڪري يونيورسٽين جي شاگردن کي SDGs مان منصوبا ٺاهڻ لاءِ حوصلا افزائي ڏني وڃي. ٻھراڙي جي علائقن لاءِ Field Offices قائم ڪري مقامي ڪميونٽي کي سڌي ريت شامل ڪيو وڃي.ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ مقامي نمائندن کي نظرثاني جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.
سنڌ اسيمبلي عوامي نمائندن جو هڪ هائوس آھي، هن هائوس ۾ عوامي ڀلائي، ادارتي بهتري، حڪومت جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ۽ رياست جي معاملن جي عوامي نمائيندن جي معرفت سنڀال ٿيندي آھي چئون ته غلط نه ٿيندو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ حڪومتي ڪارڪردگي جي جانچ ڪرڻ، آڊٽ ڪرڻ، شفافيت کي قائم رکڻ سان گڏوگڏ برقرار رکڻ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هوندي آھي. ان سان گڏو گڏ پارلياماني ڪميٽيون ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيون هونديون آھن. هن پارلياماني ڪميٽين يا اسيٽنڊنگ ڪميٽين جو لاڳاپيل صوبائي ادارن جي ڪم ڪار، ترقياتي پروگرامن ۽ عوامي ڀلائي وارن منصوبن جي آڊٽ ۽ شفافيت رکڻ پڻ ھوندو آھي. انهن ڪميٽين ۾ مجموعي طور سرڪاري ڌر يا اپوزيشن جي ڌر ڏانهن ويٺل سيمبلي ميمبرز انهن ڪميٽين جا زميوار هوندا آھن. چيئرمينن کان ويندي سيڪريٽريز ۽ ميمبرز به. انهن جو ڪم هوندو آھي ته هو سرڪار ۽ سرڪاري صوبائي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. اميد ٿي ڪجي ته مٿي ڄاڻايل پروگرام ۽ اهڙن ٻين اربين ۽ کربين روپين جي ترقياتي ڪمن جي بجيٽ جي آڊٽ خود اسيمبلي ميمبرز اهي جيڪي مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽيز جا اڳواڻ آھن جائزو وٺن. ادارا ۽ ادارن جا سربراھ انهن کي ڪارڪردگي ڏيڻ يا پيش ڪرڻ ۽ سڌارڻ جا قانون ۽ اصولن زميوار آھن.
هتي ان اميد سان هي ڳالهيون حڪومت ۽ اسيمبلي ميمبرز آڏو رکون ٿا، جيڪي عوامي نمائيندگي جو احساس رکن ٿا. سنڌ حڪومت جو SDGs لاءِ 45 ارب روپين جو قدم مثبت شروعات ته آهي، پر ان کي محض نمائشي مشق بنجڻ کان بچائڻ لاءِ شفافيت، جوابدهي ۽ ميداني عملداري لازمي آهي. سنڌ ۾ اصل ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن هي منصوبا سنڌ جي هر غريب، عورت، نوجوان ۽ پسمانده علائقي تائين پهچن، نه صرف پاور پوائنٽن جي سلائيڊن يا وزيرن جي تقريرن تائين محدود رهن.
ان لاءِ ضروري آھي ته خصوصي طور هنن مٿي ڄاڻايل اسيمبلي ميمبرز جي ذميوارين لاءِ پارلياماني ميمبرز جي لاءِ ڪجھه سکيا ۽ تربيت ڪلاسز هجڻ به ضروري آھن، ته جيئن هو مٿي ڄاڻايل ڪمن ۽ پنهنجي زميوارين کي نڀائڻ ۾آساني محسوس ڪن.اسپيڪرشپ پارليامينٽ جو اهم عهدو آھي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جيان اسان جي ملڪ ۽ پارليامينٽس ۾ به هوندو، هجڻ به کپي؟ جيڪڏهن ناهي ته ٿيڻ کپي؟ پارليامينٽيرين جي سکيا ۽ ڪورسز ۾ پارلياماني بحث، پارليامنٽ ۾ قرارد پيش ڪرڻ کان ويندي سوال ۽ جواب ڪرڻ ۽ ڏيڻ وارن معاملن کان علاوه مختلف اسيڪيمن جي منصوبابندي پيش ڪرڻ، منصوبن ۽ ادارتي مانيٽرنگ ۽ آڊٽ جهڙا کوڙ سوال آھن جن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو هڪ عوامي نمائيندي وٽ هجڻ ضروري آھي. ان لاءِ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نوجوان سياسي عوامي نمائيندو سيد اويس قادر شاھ کي کپي ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي سکيا ۽ عوامي اسڪيمن تي ڪم ڪرڻ ۽ انهن تي ڳالهائڻ بابت ورڪشاپ ڪرائي سکيا ڏيارڻ کپي.