صدر ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي ڪري سگهي ٿو:آمريڪي پرڏيهي کاتو

واشنگٽن (م ڊ)آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪن ته اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه هوندي، ڇاڪاڻ⁠ ته صدر ٽرمپ اڪثر وقت تاريخي تڪرارن جي حل لاءِ اڳڀرو ٿيندا رهيا آهن، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس صحافين سان بريفنگ دوران چيو ته صدر ٽرمپ پنهنجي مزاج ۽ طريقيڪار موجب نسلن کان هلندڙ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير جهڙي حساس مسئلي تي ٽياڪڙي جي خواهش رکن ته ان ۾ ڪا به حيرت جي ڳالهه ناهي، هن وڌيڪ چيو ته مون کي صدر جي منصوبن بابت ڪا ڄاڻ ناهي، پر تاريخ شاهد آهي ته صدر ٽرمپ انهن ماڻهن کي به ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ڪيو، جيڪي اڳ ماضي ۾ ڪڏهن به هڪ ميز تي گڏ نه ويٺا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.