آن لائن سيل ۾ نه رقم جو ڪو حساب آهي نه ئي آمدني جو:ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته آن لائن ڪاروبار ۾ نه رقم جو ڪو صحيح حساب آهي ۽ نه ئي آمدني جو ڪا واضح ڄاڻ آهي، چيئرمين ايف بي آر چيو ته آن لائن بزنسز هينئر ڪيش آن ڊليوري تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن جو ڪاروباري دائرو تمام وڏو ٿي چڪو آهي، پر ان ۾ ريگوليشن ۽ ٽيڪسيشن جو واضح فريم ورڪ اڃا تائين موجود ناهي، راشد لنگڙيال ٻڌايو ته گردشي قرض (سرڪلر ڊيٽ) جي ادائگي لاءِ بجلي جي بل تي سرچارج لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،ان سلسلي ۾ سرچارج جو بِل پاور ڊويزن طرفان پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ايف بي آر ترميمون ڪيون، هن واضع ڪيو ته سرچارج وڌايو ناهي ويو، رڳو ان جي حد کي ترتيب ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.