شڪارپور ۾ معصوم انس ٿهيم جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي )معصوم انس ٿھيم جي بازيابيءَ لاءِ جاري احتجاجي ڌرڻو  ٽئين ڏينهن به  جاري رهيو، جتي سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري، قومپرست، وڪيلن جون تنظيمون، صحافين ۽ ملازم تنظيمن سميت شهر جي مختلف حلقن مان سوين ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي ڌرڻي ۾  سردار ذوالفقار خان ڪماريو چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور، سني تحريڪ اڳواڻ مفتي محمد صديق قادري، شيعا اڳواڻ علامه اياز قمي،ڪامريڊ اڪبر جتوئي (هاري ڪميٽي)، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري محمد علي جتوئي، حاجي احسان احمد ميمڻ ۽ ٻيا شامل ٿيا. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ، اڳوڻو صوبائي وزير سردار مقبول احمد شيخ، ۽ سردار ذوالفقار خان ڪماريو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مغوي ٻار جي وارثن، شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ۽ شهر جي معزز شهرين سان ڳالهيون ڪيون.ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ ڌرڻي وارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته معصوم انس ٿھيم جي اغوا ۾ ملوث ڏوھارين تائين پوليس پهچي چڪي آهي، 50 کان وڌيڪ ڏوھاري گرفتار ڪيا ويا آهن، اصل ڏوھارين جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته، ”مان جيڪو واعدو ڪندوآھيان، اهو پورو ڪندو آهيان، شڪارپور ضلعي جي امن و امان بابت منهنجي خاص نظر آهي. مون عيد جون موڪلون ملتوي ڪري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي، ۽ يقين ڏياريان ٿو ته معصوم انس ٿھيم کي جلد باحفاظت طريقي سان بازياب ڪري وارثن حوالي ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ڌرڻي ۾ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو، سردار شير محمد خان ٿھيم، قاري مجيب الرحمٰن مدني، شڪارپور بچايو تحريڪ چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري، استاد عبدالوھاب ڪاغذي، لالا آغا منير خان پٺاڻ، ايڊووڪيٽ ظفر چنه، مغوي انس ٿھيم جي چاچي آصف ٿھيم، سماجي اڳواڻ سعيد احمد سومرو، راحيل ٿھيم، مولانا مُشتاق احمد سهندڙو، صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني، ڊاڪٽر نورالدين ابڙو، لالا شعيب پٺاڻ، ايڊووڪيٽ الاهي بخش شيخ، سعيد احمد اعواڻ، علامه حبيب احمد قادري، حمادالله بدوي، ڊاڪٽر مسعود بدوي، ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ، عمران منگي، زاهد حسين پھوڙ، علي اصغر پھوڙ ۽ ٻين اڳواڻن گڏجي پوليس جي يقين ڏيارڻ ۽ اڳڀرائي کي ساراهيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ھوڏانھن جماعت اسلامي ضلعي شڪارپور جي امير عبدالسميع ڀٽي جي قيادت ۾ وفد ڌرڻي ۾ پھچي ايڪتا جو اظھار ڪيو. ھن جو چوڻ ھو ته مقامي ايم اين اي ايم پي اي توڙي  پوليس بدامنيءَ جا ذميوار آھن. جيستائين انھن کي وائکو ڪونہ ڪبو اوستائين روھيت اوڏ قتل ۽ انس ٿھيم اغوا ٿيندا رھندا. وفد ۾  ضلعي جنرل سيڪريٽري حافظ نياز احمد،مقامي امير مولانا صدرالدين مھر، صبغت الله مينگل، ايڊووڪيٽ اصغر پھوڙ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شامل ھئا

  1. روهيت ڪمار جي قتل ۽ انس ٿهيم جي اغوا خلاف مظاهرن جو اعلان

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقاربليدي، اياز سولنگي، سلطان دل ڪمال مهر گڏيل  بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ امن  امان نالي ڪا شيءَ ناهي سنڌ سان اهڙو ظلم انگريز دور ۾ به نه هيو جيڪو ظلم پاڪستان ٺھڻ کان وٺي جاري آھي  درياهه ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ روڊن تي پرامن احتجاج ڪندڙن تي ته سڌيون گوليون هلائي شهيد ڪيو ٿو وڃي پر ڌاڙيل ۽ ڊرگس ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي انهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ملير جيل ٽوڙڻ جو واقعو ڪرايو ويو ان واقعي تي گهرو وزير ۽ جيلن واري وزير کي گرفتار ڇو نٿو ڪيو وڃي باقي سنڌو درياه تي ڪئنالن ڪڍڻ خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن  تي ڪوڙا منشيات ۽ دهشتگردي جا ڪيس هڻي گرفتار ڪيو ٿو وڃي يا کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي،هنن چيو ته  ساگر ملاح چئن مهينن کان گم آھي امتياز ڀٽي اياز ڏاهاڻي تي ڪوڙا ڪيس هڻي جيل موڪليو ويو آھي صدام نوناري ۽ نظام نوناري تي اي ٽي سي جا ڪيس هڻي جيل موڪليو ويو آھي پرامن قومي ڪارڪنن خلاف اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آھي جيئن درياهه بچائڻ واري جدوجهد نه ڪن وسيلن جي مالڪي ۽ وارثي جي ڳالھ نه ڪن،هنن چيو ته  موري واقعي جي شهيد جي وارثن ۽ رشديدارن جا گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن اهو عمل سرڪار گردي آھي اهو عمل فوري طور روڪي شھيدن جو ڪيس حڪمرانن مٿان داخل ڪيو وڃي ۽ سنڌ مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪيو وڃي  15 جون بروز آچر تي شڪارپور ۾ قتل ٿيل روھيت ڪمار جي قاتلن جي گرفتاريءَ انس ٿھيم ۽ پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل گرديءَ ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن آزادي لاءِ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

  1. سنڌ ڌاڙيل راڄ حوالي آھي:ڪاشف شيخ

ڪراچي/شڪارپور (رپورٽر+ڊر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ شڪارپور مان معصوم ٻارڙي انس ٿھيم جي اغوا واقعي جي سخت مذمت ڪندي ان کي مراد علي شاهه حڪومت جي ناڪامي ۽ معصوم ٻالڪ جي فوري طور بازيابي جي گھر ڪئي آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته جيستائين فرض شناس ۽ بنگلن جي حاضري نه ڏيندڙ پوليس آفيسر مقرر نه ڪيا ويندا اوستائين شڪارپور سميت سنڌ ۾ امن ممڪن ناهي، ڇوته ڏوھارين کي انھن بنگلن جي ئي سرپرستي حاصل آھي شڪارپور جو ھڪ پوليس افيسر اڳ ۾ ئي اھڙو انڪشاف ڪري چڪو آھي. ڌاڙيلن کي صلاحڪار جي پوليس اسڪواڊ ذريعي اسلحو پھچائڻ جون خبرون ۾ ميڊيا جون زينت بڻيون. ھن چيو ته ھن وقت سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري رھي آھي عملي طور سنڌ ڌاڙيل راڄ حوالي آھي ۽ پ پ سان واسطو رکندڙ مقامي وڏيرا ۽ سردار انھن جا سھولتڪاري جو ڪم ڪري رھيا آھن. شڪارپور شھر جي وچ مان ڏينھن ڏٺي ھو معصوم ٻارڙن جو اغوا ۽ ھن کان ٻه ڏهاڙا اڳ ۾ ٻارڙي روھيت اوڏ کي بي رحماڻي قتل جو واقعو پ پ حڪومت لاءِ ڪارو داغ آھي ھن چيوته انس ٿھيم جي اغوا ۽ بدامنيءَ واقعي جي خلاف شڪارپور جا شھري ٻن ڏھاڙن کان سخت گرمي باوجود جيل چورنگي نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو لڳائي ويٺا آھن پر مجال آھي جو حڪومت توڙي انتظاميا کي ڪا غيرت اچي. مقامي سردار وڏيرا چونڊيل نمائندا امن جي بحاليءَ توڙي معصوم ٻالڪ جي بحالي لاءِ ھڪ ٻئي تي الزام مڙهي وقت وڃائي رھيا آھن..#

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.