دهشتگردي جو الزام، ڪئناڊا پاڪستاني شهري کي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن / اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا ، پاڪستاني شهري شاهزيب خان کي دهشتگردي جي الزامن هيٺ ملڪ نيڪالي ڏئي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو .
آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪيش پٽيل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو آهي ته ”اڄ منجهند جو ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري محمد شاهزيب خان کي داعش جي مدد ڪرڻ ۽ دهشتگرد حملن جي سازش جي الزام هيٺ آمريڪا آندو ويو آهي.“
ايف بي آءِ سربراهه موجب، شاهزيب خان گذريل سال مبينا طور ڪئناڊا مان نيويارڪ جو سفر ڪرڻ ۽ بروڪلن ۾ هڪ يهودي مرڪز تي داعش جي حمايت ۾ وڏي پيماني تي فائرنگ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو.
ڪيش پٽيل جو چوڻ آهي ته شاهزيب خان 7 آڪٽوبر 2024ع تي اسرائيل تي حماس جي حملي جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ان حملي جي رٿابندي ڪئي هئي، پر ايف بي آءِ ۽ لاڳاپيل ادارن ان سازش کي ناڪام بڻايو.
ڪيش پٽيل موجب، شاهزيب خان کي 4 سيپٽمبر 2024ع تي ڪئناڊا جي اختيارين گرفتار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ کيس آمريڪا منتقل ڪيو ويو، جتي هو آمريڪي عدالتن ۾ دهشتگردي جي الزامن بابت قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيندو.
ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته ”هي ڪيس عالمي سطح تي دهشتگردي جي جاري خطري ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو جيڪو دنيا جي هر ڪُنڊ ۾ موجود آهي. “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.