بجيٽ ۾ رکيل رقم سان سکر حيدرآباد موٽروي رٿا مڪمل نه ٿيندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجیل انعام ميمڻ چيو آهي ته حيدرآباد-سکر موٽروي نه رڳو سنڌ، پر سڄي پاڪستان لاءِ هڪ اهم  نوعيت جو منصوبو آهي، ڪراچي پورٽ کان سڄي ملڪ جيدرآمدات ۽ برآمدات جو دارومدار حيدرآباد-سکر موٽروي تي آهي، ان لاءِ حيدرآباد-سکر موٽروي کانسواءِ ٻيو ڪو موزون رستو ناهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ هن منصوبي لاءِ ڪيترائي ڀيرا وفاق کي ياد ڏياريو ۽ خط به موڪليا ويا آهن، تازو ئي وفاقي وزيرن پاران يقين ڏياريو ويو آهي ته هن رٿا لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي ويندي.هن واضح ڪيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي جي تعمير سنڌ حڪومت جي نه وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي چيو ويو هو ته هي روڊ جلد شروع ڪيو ويندو ۽ جلد مڪمل ڪيو ويندو، پر جيڪا رقم مختص ڪئي وئي آهي ان سان هي منصوبو نه جلد شروع ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي وقت سر مڪمل ٿي سگهندو.هن چيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي منصوبي لاءِ صرف "ٽوڪن مني” رکيل آهي جيڪا ڪنهن به اهم منصوبي لاءِ ناڪافي آهي، اهڙن ڊگھي مدي وارن منصوبن لاءِ مڪمل فنڊنگ ڏني ويندي آهي.شرجیل انعام ميمن چيو ته اهڙي نوعيت جا منصوبا عام طور تي ٻن کان ٽي سالن تي ٻڌل هوندا آهن، تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 40 سيڪڙو بجيٽ مختص ٿيڻ گهرجي ها، جيئن ٻين قومي منصوبن سان ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته صرف 15 ارب رپيا رکڻ سان نه منصوبي سان انصاف ٿيو آهي ۽ نه ئي وري پاڪستان جي مفاد کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي.هن چيو ته اسان کي رڳو هن منصوبي تي ئي نه، پر ڪي فور منصوبي جي حوالي سان به سخت تحفظات آهن، جيڪا رقم انهن منصوبن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، اها تمام گهڻي گهٽ آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي انهن سڀني معاملن کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي ۽ بجيٽ جو تفصيلي جائزو وٺندي،هن چيو ته  اسان جي گذارش آهي ته پنهنجن غير ضروري خرچن کي گهٽايو، جڏهن توهان خرچن ۾ ڪٽوتي ڪندئو ته بچت ممڪن ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي آمدني ۾ واڌارو نه ٿئي ته پوءِ ضروري آهي ته خرچ تي ضابطو آندو وڃي. گذريل ڀيري به توهان جيڪي بجيٽ هدف مقرر ڪيا هئا، اهي حاصل نه ٿي سگهيا. ايف بي آر پنهنجي  هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جيڪڏهن توهان جا محصول (ريونيو) جا هدف پورا نٿا ٿي سگهن ته توهان کي صوبا جي مالي خساري کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو.شرجیل انعام ميمن چيو ته سڀني خرچن کي سمارٽ انداز ۾ منظم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن خرچن کي محدود نه ڪيو ويو ۽ اهي لڳاتار وڌندا رهيا، ته مالياتي نظام تي دٻاءُ پوندو، ۽ مالياتي پاليسي جٽادار نه رهي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.