اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين ۽ معاشي معاملن جي ماهر شبر زيدي نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايف بي آر ۾ ڪا غير معمولي بهتري ناهي ٿي، جيئن پهريان سلسلو هلندو هو تيئن ئي هلندو رهيو. ڊجيٽلائزيشن جو لفظ چوڻ سٺو لڳي ٿو پر جيڪو ٿيڻو هو اهو نه ٿيو. 2019 ۾ مون ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آندو هو جيڪو 5 سالن ۾ ناهي هليو، اوهان واپاري دوست اسڪيم شروع ڪئي هئي جنهن تي گذريل بجيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو هو ته ڪاميابي سان جاري آهي پر اها خبر ناهي ڪٿي دفن ٿي وئي. اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي بنياد تي اهو چئون ٿا ته ايف بي آر پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ڪا بهتري آندي آهي؟ هن چيو ته اهو ٽيڪس معاشي سرگرمي سان اچي ٿو جيڪو ايندو آهي، ان ۾ ڪا اهڙي شئي نظر نٿي اچي جنهن ۾ چئي سگهجي ته ايف بي آر ڪا بهتري لاءِ شئي ڪئي هجي. سندس چوڻ هو ته اها حقيقت آهي، پاڪستاني معاشري لاءِڊجيٽلائزيشن، ٽرانفارميشن ۽ رفارمز جهڙا لفظ بي معنيٰ ٿي ويا آهن. هن بجيٽ ۾ هڪ ڳالهه اها شامل ڪئي وئي آهي ته ٽيڪس امينڊمينٽ ايڪٽ 2024 آندو ويو هو، جنهن کي اسيمبلي پاس نه ڪيو هو، هاڻي ان ئي ايڪٽ کي بل جو حصو بڻايو ويو آهي، هي اهو آهي ته جيڪي نان فائلر هوندا اهي ڪا اڪنامڪ ٽرانزيڪشن نه ڪري سگهندا جنهن ۾ بينڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ بينڪ اڪائونٽ کي مينٽين ڪرڻ به آهي. ان وقت به هي 6 مهينن ۾ ان تي عمل نه ڪرائي سگهيا هئا. مون کي نٿو لڳي ته هي ان تي عمل ڪرائي سگهندا، اوهان انهن شين جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو پر ڪجهه ٻيون شيون به اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته بنيادي مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ وڏو انگ رٽيلر، ايگريڪلچرسٽ، ريئل اسٽيٽ وارا ٽيڪس نٿا ڏين نه ئي هو ڏيڻ چاهين ٿا نه ئي هي انهن کان وٺڻ چاهين ٿا. هن بجيٽ ۾ رٽيلر بابت ڪو بحث ناهي، پي ايم ايل ن جو ڳٺ جوڙ رٽيلرز سان آهي ۽ هو انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين، پيپلزپارٽي جو ڳٺ جوڙ ايگريڪلچرسٽن سان آهي، اهي انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين، اسان جي کوڙ ادارن جو ڳٺ جوڙ ريئل اسٽيٽ سان آهي، هو انهن کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي بجيٽ 14 هزار بلين آهي، پنجاب ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس رڳو 3 بلين آهي، اهو ته مان خيرات ۾ ڏئي ڇڏيان اهو ڪرڻ جي ضرورت ڇو آهي؟ پاڪستان ۾ جيستائين معاشي انقلاب نه ايندو، هي 5 کان 6 سيڪٽر ٽيڪس ڪڏهن نه ڏيندا، ڇو ته اهي سيڪٽر اسيمبلين ۽ اقتدار ۾ ويٺا آهن، انهن کي ڪو شوق ناهي ته هنن کان ٽيڪس ورتو وڃي. عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿئي.