لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين، اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي ڀارت کي ڪن کان وٺي ڳالهين جي ميز تائين آڻڻو پوي ته اهو دنيا جي مفاد ۾ هوندو.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح لفظن ۾ ۽ بار بار چيو آهي ته هن خطي ۾ امن هئڻ گهرجي.
هن چيو ته ” اسان صدر ٽرمپ جي بيانن کي واعدو سمجهون ٿا، جڏهن ته ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي اهڙن بيانن کان ڪن لاٽار ڪري رهيو آهي.“
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ويجهي ماضيءَ ۾ ڪشمير بابت هڪ تڪراري قانون منظور ڪري ان کي پنهنجو اندوروني مامرو قرار ڏنو، پر صدر ٽرمپ جي بيان سان ڪشمير مسئلو ٻيهر سموري دنيا جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي، ٽرمپ جي بيان مان واضح ٿي ويو ته ڪشمير ڪنهن هڪ ملڪ جو اندروني مامرو نه ٻن ملڪن وچ ۾ هڪ تڪرار علائقو آهي.
بلاول جو چوڻ هو ته اسان برطانيه ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن جو چوڻ هو ته هاڻي ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون وڌيڪ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي سميت هڙئي مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته جنگ ڪڏهن به ڪنهن مسئلي جو حل نٿي ٿي سگهي.
بلاول چيو ته پاڪستان سدائين جنگبندي جي پاسداري ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارت جو موقف شروع کان وٺي ڪوڙ تي ٻڌل رهيو آهي. پ پ چيئرمين موجب، ڀارت ۽ پاڪستان جي ميڊيا ۾ وڏو فرق آهي، ڀارتي ” گودي ميڊيا “ ڪوڙ پکيڙڻ واري پاليسي اختيار ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميواريءَ سان رپورٽنگ ڪئي، جنهن تي مان مُلڪي ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته پاڪستان ڀارتي اڳرائيءَ جو اثرائتو جواب ڏنو
هن ٻڌايو ته جنگ دوران بهتر حڪمت عملي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاري عهدو ڏنو ويو، جيڪو سندس خدمتن جو اعتراف آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ طاس معاهدي موجب ڀارت ان معاهدي کي پاڻمرادو معطل يا ختم نه ٿو ڪري سگهي، ڇو جو اهو عالمي سطح جو معاهدو آهي.
هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪو به ملڪ اهڙي قسم جو معاهدي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي به نه ٿو ڏئي سگهي، پر جيڪڏهن ڀارت ان معاهدي کي معطل ڪرڻ واري ڌمڪي تي عمل ڪيو ته پاڪستان اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته اهڙو قدم جنگ سمجهيو ويندو.
ڪئناڊا، آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي بابت سوال تي بلاول ڀٽو الزام لڳائيندي چيو ته ڀارت جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائيندو رهيو پر دنيا ۾ ڪو به ملڪ ان سان گڏ نه بيٺو.
بلاول چيو ته ڀارت دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ڪري دهشتگردي ڪرائي ٿو، ڪئناڊا ۾ سِک اڳواڻن جي قتل تي ڪينيڊين وزيراعظم جو بيان ڀارت جي منهن تي چماٽ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا سميت ڪيترائي ملڪ ڀارتي دهشتگردي سبب متاثر ٿيا آهن ۽ ڀارت کي گهرجي ته هو دهشتگردي کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بند ڪري.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي گهرجي ته بلوچ لبريشن آرمي ۽ مجيد بريگيڊ جهڙين پابندي مڙهيل تنظيمن جي فنڊنگ بند ڪري ته جيئن ان جي دهشتگرديءَ خلاف بيانن سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي.
بلاول چيو ته موجوده ڀارتي وزيراعظم مٿان مسلمانن جي نسل ڪشي جا الزام آهن، پاڪستان سان تڪرار وڌائڻ لاءِ ڪوڙن ۽ چڙڏياريندڙ بيانن تحت الزام مڙهي حملو ڪرڻ بهادري ناهي، پر خطي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو آهي.
هن چيو ته اسان اڳ به ڀارتي جهاز کي ڪِيرايو، اڀينندن کي چانهه پِياري واپس موڪليو هو، اِهو ڀارت طرفان پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي جو ثبوت آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ڄاڻي ٿو ته پهلگام حملي ۾ پاڪستان جو ڪو به هٿ نه هو، اها سندن انٽيليجنس جي ناڪامي هئي، جنهن کي ڪور ڪرڻ ۽ بهار جي چونڊن ۾ سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي الزام مڙهيو ويو، پر پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي، خطي ۾ ان جي بالادستيءَ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.
آمريڪا کي امن لاءِ ڀارت کي ڪن کان پڪڙي به ڳالهين جي ميز تي آڻڻو پئي ته اِهو دنيا جي مفاد ۾ هوندو : بلاول ڀٽو
You might also like