سهيل وڙائچ جي واش روم صاف ڪندڙ سان ڀيٽ، فضا علي تي تنقيد

اسلام آباد (م ڊ) نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ميزبان ڪامران شاهد مهمان فضا علي کان شخصيتن جي متبادل پيشي بابت تفريحي انداز ۾ سوال ڪيو. فضا علي ٻين شخصيتن بابت جواب ڏنا پر سهيل وڙائچ بابت سندس جواب تڪراري بڻجي ويو. فضا علي چيو ته سهيل وڙائچ صحافي نه هجي ها ته ڪنهن مشهور هوٽل يا ريسٽورينٽ ۾ واش روم صاف ڪري رهيو هجي ها ڇو ته هو هر عورت جي واش روم ۾ هليو ويندو آهي. بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ فضا علي تي نقيد ٿي ته سهيل وڙائچ هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکي ٿو، عورت هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته جيڪو وات ۾ اچي چئي ڏيو، واهپيدارن پروگرام جي ميزبان ڪامران شاهد تي تنقيد ڪئي ته اهڙا صحافتي معيار جي ابتڙ سوال ڪري مهمانن کي غير سنجيده ڳالهين تي نه ڀڙڪائڻ گهرجي. هوڏانهن سهيل وڙائچ ايڪس تي عاجزاڻو رد عمل ڏنو ته منهنجي حيثيت بيت الخلا صاف ڪندڙن کان به گهٽ آهي، بيت الخلا جي صفائي ڪو ذلت جي ڳالهه ناهي پر ٻين جو گند صاف ڪرڻ هڪ عظيم خدمت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.