ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڏيپلو اسپتال جي برطرف ملازمن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو ۽ 4 ملازمن کي نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. درخواست گذار وڪيل ملڪ نعيم اقبال چيو ته گريڊ 1 کان 4 تائين جا ملازم 2015ع ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيا، پر بعد ۾ سياسي بنيادن تي ٻين ماڻهن کي ڀرتي ڪري کين ڪڍيو ويو. 2023ع ۾ بحالي کان پوءِ ٻيهر برطرفي ڪئي وئي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آفر ليٽر جاري ٿيڻ بعد نوڪري مان ڪڍڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ وڪيل موجب صحت کاتي جو سيڪريٽري ۽ اسپتال جا لاڳاپيل آفيسر ذميوار آهن. عدالت برطرفي کي ناجائز قرار ڏيندي غريبن سان ناانصافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.