ينگون (ويب ڊيسڪ) اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع جي ڪواليفائرز ۾ پاڪستان جي فٽبال ٽيم کي ميزبان ملڪ ميانمار هٿان 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي، جيڪا ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي ٻي ناڪامي آهي.
ينگون جي ٿوونا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ ”اي“ جي مقابلي ۾ ميزبان ٽيم ميانمار زبردست راند جو مظاهرو ڪيو.
پاڪستان پهرئين هاف ۾ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪندي ميانمار جي جارحاڻي حملن کي روڪيو، پر 41 هين منٽ تي ٿن پينگ گول ڪري ميزبانن کي سرسي ڏياري.
ٻئي هاف ۾ ٻنهي ٽيمن جي راند جو رفتار وڌي ويو، پر ڪا به ٽيم وڌيڪ گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.
مقابلي دوران پاڪستاني ٽيم ۾ يڪجهتي جي کوٽ نظر آئي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي رانديگر پاڻ ۾ تڪرار ڪندي پڻ نظر آيا، جنهن بعد ٽيم جي اندروني ماحول تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن.
ياد رهي ته پاڪستان جي فيفا رينڪنگ هن وقت 198 هين پوزيشن آهي، جڏهن ته ميانمار 162هين نمبر تي آهي. پاڪستان کي ان کان اڳ شام خلاف به 2-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
گروپ ”اي“ ۾ پاڪستان، شام، ميانمار ۽ افغانستان شامل آهن، پاڪستان پنهنجي ٽِين ميچ افغانستان خلاف کيڏندو،
You might also like