وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جماعت تحريڪ انصاف سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا هڻندي بجيٽ دستاويز جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
پي ٽي آءِ ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف جي سيٽ ڀرسان گڏ ٿي نعرا هنيا، هنن چيو ته هن حڪومت وٽ بجيٽ پيش ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ اسان آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي تسليم نٿا ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.