اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ 850 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب موجب ان قدم جو مقصد پيٽرول، ڊيزل ۽ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي.
بجيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف سخت قدمن جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي صورت ۾ ڪاروباري هنڌ سيل ۽ سامان ضبط ڪري سگهبو پر لاڳاپيل ڌر کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق حاصل هوندو.
Next Post
You might also like