ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل سڀاڻي کان لارڊز ۾ شروع ٿيندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2025ع جو فائنل سڀاڻي 11 جون کان لنڊن جي تاريخي ميدان لارڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو.
آخري دنگل ۾ آسٽريلوي ٽيم قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جون واڳون ٽمبا باووما جي حوالي آهن، جنهن وٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو اعزاز ماڻڻ جو اهم موقعو آهي.
هي ڊبليو ٽي سي فائنل جو ٽيون ايڊيشن آهي، جنهن ۾ فاتح ٽيم کي 3.6 ملين آمريڪي ڊالرز انعام طور ڏنا ويندا، جيڪا 2021ع ۽ 2023ع وارن ايڊيشنن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي انعامي رقم هوندي، گذريل ايونٽن دوران ڪُل انعامي رقم 1.6 ملين ڊالرز هئي.
فائنل هارائيندڙ ٽيم کي به 2.16 ملين ڊالر (اٽڪل 18.50 ڪروڙ رپيا) انعام طور ملندا.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم تاريخ ۾ رڳو هڪ ڀيرو آءِ سي سي ٽائيٽل کٽي سگهي آهي، پروٽيز 1998ع ۾ آءِ سي سي ناڪ آئوٽ ٽورنامينٽ کٽيو هو، ان کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا فائنل جي ويجهو پهچڻ باوجود هيءَ ٽيم فتح جو مزو نه ماڻي سگهي آهي.
ٻئي پاسي آسٽريلوي ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪري رهي آهي جنهن 2023ع ۾ ڊبليو ٽي سي فائنل ڀارت کي هارائي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو تاج پنهنجي نالي ڪيو هو.
ان کانسواءِ ڪينگروز ڇهه ڀيرا ون ڊي ورلڊ ڪپ، ٻه ڀيرا چيمپيئنز ٽرافي ۽ هڪ ڀيرو ٽي 20 ورلڊ ڪپ به پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.