شان پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي: ارباز خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ جي مشهور اداڪار ارباز خان دعويٰ ڪئي آهي ته لالي ووڊ فلم انڊسٽري جي زوال جو هڪ اهم ڪارڻ شان شاهد جي غير ذميواراڻو رويو آهي.
ارباز خان تازو ”نيڪسٽ ميڊيا نيٽورڪ“ کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ پنهنجي فني سفر، موجوده فلمي صورتحال ۽ ذاتي زندگيءَ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا آهن.
هن ٻڌايو ته سندس فلمي سفر جي شروعات هدايتڪار سيد نور جي فلم ”گھونگھٽ“ کان ٿي، جيڪا لالي ووڊ جي يادگار دور جي علامت هئي، جتي ماڻهو سئنما جا ديوانا هوندا هئا.
موجوده دور بابت ڳالهائيندي ارباز چيو ته هاڻي ٽِڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کانپوءِ فلم ڏسڻ جو لاڙو ۽ جذبو ختم ٿي ويو آهي، جيڪو اڳ هوندو هو، ۽ ڏسندڙن جو شوق به ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻو گهٽجي ويو آهي.
ذاتي زندگي بابت سوال تي ارباز خان چيو ته هو ذاتي معاملا سوشل ميڊيا تي آڻڻ کان پاسو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڳالهيون رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ گهرجن، هر ڳالهه جو پرچار ڪرڻ مناسب ناهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن تسليم ڪيو ته کيس پنهنجي پيءُ مشهور اداڪار آصف خان جو پٽ هئڻ جو فائدو ضرور ٿيو، ڇو ته کيس نه ته آڊِيشن لاءِ ڌِڪا کائڻا پيا ۽ نه ئي فلم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيءَ پيش آئي، سندس پهرين فلم ئي سُپر هٽ ثابت ٿي.
ارباز خان ٻڌايو ته سندس فلم جي ڪاميابيءَ تي والد چيو هو” هن ڪاميابي ۾ منهنجو هٿ آهي، پر هاڻي جيڪا به ڪاميابي حاصل ڪندين، اها تنهنجي پنهنجي محنت جو نتيجو هوندي.“
شان شاهد بابت ڳالهائيندي، ارباز الزام هنيو ته شان جي غير وقتائتي رويي ۽ غير ذميواريءَ سبب انڊسٽريءَ جو نقصان ٿيو، ” هڪ وقت هو، جڏهن ماڻهو شان کي ڏسڻ لاءِ سئنما گهرن جو رخ ڪندا هئا پر پوءِ دور مَٽجي ويو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” شان گهڻي ڀاڱي سيٽ تي دير سان ايندو هو، جنهن سبب ڪم متاثر ٿيندو هو، ڪيتريون ڀيرا ته هو شوٽنگ ختم ٿيڻ کان فقط ٽه ڪلاڪ اڳ سيٽ تي ايندو هو، جنهن ڪري هدايتڪار ۽ پروڊيوسر تڙ تڪڙ ۾ ڪم اڪلائيندا هئا، جنهن سبب معيار ڪِرندو ويو ۽ سٺيون فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.