سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 6100 رپيا لاٿ بعد 3 لک 52 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 5230 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 2 هزار 40 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس جي سون 61 ڊالر لاٿ بعد 3339 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.