نڪولس پوران به عالمي ڪرڪيٽ تان هٿ کڻي ورتو

باربيڊوس ( ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر نڪولس پوران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جو چوڻ آهي ته نڪولس پوران پنهنجي فيصلي بابت بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
نڪولس پوران کي ويسٽ انڊيز طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوران ورلڊ ڪلاس رانديگر ۽ گيم چئينجر آهي، سندس ويسٽ انڊيز لاءِ خدمتن ۽ ڪارنامن کي سدائين ياد رکيو ويندو.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز ملڪ جي لاءِ پيش ڪيل خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي سندس مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
نڪولس پوران 106 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ويسٽ انڊيز طرفان سڀ کان وڌيڪ ٻه هزار 275 رنسون ٺاهيون جڏهن ته 61 ون ڊي ميچن ۾ هڪ هزار 983 رنسون اسڪور ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.